سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي قاتلاڻي حملي جي ڪيس ۾ مبينا ملوث پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ عبوري ضمانت لاءِ اپيل داخل ڪئي وئي، جنهن تي عدالت عبوري ضمانت منظور ڪندي يارهن تاريخ تائين ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي. ياد رهي ته سيشن ڪورٽ گهوٽڪي شهريار شر ۽ جهانگير شر جي ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد سندن وڪيل معرفت هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار شر موقف اختيار ڪيو ته کيس سياسي طور نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ سندس ڄام مهتاب تي حملي سان واسطو ناهي. شهريار شر دعويٰ ڪئي ته ڄام مهتاب ڏهر وٽ شهيد علي محمد شر جي قتل ۽ مون مٿان حملي ۾ ملوث جوابدار موجود هئا، جڏهن ته هو پاڻ ٻي گاڏيءَ ۾ فقير صفت شخص ظفر ڏهر کي ساڻ کڻي وڃي رهيو هو، جيڪو قتل ٿي ويو، ۽ الزام مون مٿان لڳايو ويو، اها سوچيل سمجهيل سازش هئي. شهريار شر چيو ته بلاول ڀٽو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي معاملي بابت مڪمل آگاهي ڏني وئي آهي، جن يقين ڏياريو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي.