ڪوٽڙي جي ڪارخانن جو نيڪال ڪراچي واهه ۾ ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ع آ نيوز) ڪوٽڙي جي صنعتي علائقي جي نيڪال جو پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ شامل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۾ وڃي ٿو ۽ اُتان ڪراچي کي فراهم ڪيو ويندو آهي. ان معاملي تي سنڌ جي ماحولياتي تحفظ واري اداري (اِي پي اي) جي ٽيم ڪوٽڙي انڊسٽريل زون جو دورو ڪيو. ڪوٽڙي بيراج مان ڪي بي فيڊر ۾ پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي. اِي پي اي جي انچارج، عمران علي عباسي، ٻڌايو ته دورو دوران ڪيترين ئي فيڪٽريز جا فلٽر پلانٽ غير فعال هئا. هن ٻڌايو ته فيڪٽريون پنهنجي نيڪال سان ڀريل پاڻي بنا ڪنهن صفائي يا علاج جي سڌو واهه ۾ ڇڏيو پئي ويو. اِي پي اي انچارج عمران علي عباسي وڌيڪ چيو ته جيڪي فيڪٽريون بنا صفائي پاڻي ڇڏين ٿيون، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.