مظفر آباد (م ڊ) مظفر آباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سپريم ڪورٽ سيشن جج حويلي خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. توهين عدالت جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم خان جي سربراهي هيٺ فل بينچ ٻڌايو. عدالتِ ٰ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حويلي کي ٽي ڏينهن قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن بعد پوليس حاضر سروس جج کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو.عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته 19 جنوري 2023 تي سپريم ڪورٽ هڪ جوابدار جي شروعاتي ضمانت رد ڪئي هئي، جيڪو هيـروئن جي وڏي مقدار رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيو هو ۽ واضح هدايت ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن ضلعي عدالت آڏو ڇهن مهينن اندر ڪو نئون ثبوت اچي، جيڪو جوابدار جي حق ۾ هجي ته ان صورت ۾ ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي. پر عدالتي حڪم جي رڳو هڪ مهيني کانپوءِ ان وقت جي منشيات روڪ عدالت حويلي جي اسپيشل جج طور مقرر راجا امتياز جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ هو ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو هو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جج راجا امتياز سپريم ڪورٽ کي ڪوڙو بيان ڏنو ته هن ڪو به فيصلو نه ڏنو آهي پر عدالتي رڪارڊ مان سندس حڪم نامو سامهون اچي ويو.