لاهور(م ڊ) ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي، ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پنهنجي پارٽي کي نئون سياسي فارمولو پيش ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب، پي ٽي آءِ جي قيد سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي پارٽي کي صلاح ڏني آهي ته مزاحمت سان گڏ گڏ ڳالهيون پڻ جاري رکجن. ڪوٽ لکپت جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران شاهه محمود قريشي چيو ته ڳالهيون ڪرڻ جو حتمي فيصلو باني پي ٽي آءِ ڪندو ۽ اسان جو به اهو ئي موقف آهي ته مقتدر حلقن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، پر ساڳي وقت اهو به چئون ٿا ته سياست، سياسي جماعتن جو ڪم آهي. هن وڌيڪ چيوته جيڪڏهن مقتدر حلقن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ اسان سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪنداسين پر ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ اسان کي باني پي ٽي آءِ تائين بي روڪ ٽوڪ رسائي ملڻ گهرجي ته جيئن پنهنجو موقف ڏيئي، سندن راءِ به حاصل ڪري سگهون. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو: "جيل ۾ موجود ماڻهو وٽ محدود ڄاڻ هوندي آهي، اسان کي اهو به نه ٿو خبر ته زمين تي ڇا ٿي رهيو آهي. بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجه کي گهرجي ته اسان سان اچي ملاقات ڪن ۽ موجوده حالتن کان آگاهي ڏين.