ڪم ۾ رنڊڪون وجهي ميمبرن کي هراسان ڪيو پيو وڃي

لاهور(پ ر) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان  ايڇ آر سي پي پنهنجي ڪم ۾ مداخلت ۽ رنڊڪون وڌائڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ايڇ آر سي پي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو يقيني بڻايو  وڃي ته انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪن بنا ڪنهن خوف يا خطري جي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهن. هڪ بيان ۾ ايڇ آر سي پي چيو آهي ته ڪجهه وقت کان وٺي ڪميشن کي بي بنياد، غيرقانوني ۽ ناجائز قدمن جو منهن ڏيڻو پيو آهي. ڪيترا ئي پروگرام ڪرائڻ ۾ رنڊڪون وڌايون ويون آهن، ٻه گڏجاڻيون ڪرائڻ لاءِ ايڇ آر سي پي کان اين او سي جو مطالبو ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اهڙي ڪا به قانوني گهرج موجود ناهي. ان کان سواءِ ملڪ ۾ ايڇ آر سي پي جي ميمبرن ۽ عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ هراسان ڪرڻ جا واقعا به سامهون آيا آهن. اهو پهريون ڀيرو آهي جو ايڇ آر سي پي جي چيئرمين کي ڪراچي ۾ پوليس پاران طلب ڪري جاچ ڪئي وئي آهي. ايڇ آر سي پي اعليٰ اختيارين تي زور ڀريو آهي ته هو اظهارِ راءِ، گڏجاڻي جي آزادي ۽ تنظيم سازي جي بنيادي حقن جو احترام ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.