افغان سرڪار معاهدي جون ڀڃڪڙيون پئي ڪري، حملن ۾ واڌ ٿي آهي: بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان حڪومت طرفان واعدن جي ڀڃڪڙي خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهي آهي، پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ سرينڊر  ڪرڻ شامل ناهي، ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ "پاڪستان دهشتگردي خلاف دنيا جي جنگ وڙهي رهيو آهي” جي عنوان سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو ته ڀارتي قيادت اسان سان گڏ ويهي ۽ ڳالهين سان مسئلا حل ڪري، ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري، ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي صلاحيتن مان سکي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پاڪستان دهشتگردي خلاف تاريخي، شاندار ڀائيواري قائم ڪرڻ لاءِ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڀارتي قيادت کي اپيل ڪئي ته هو ڪشمير جي مسئلي سميت پاڻي جي بحران جهڙن سڀني تڪراري معاملن جو حل ڳولين. بلاول ڀٽو چيو ته  اچو، ڪشمير جو مسئلو ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪريون، اچو ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ وارو سلسلو ختم ڪريون، ۽ هماليا جبلن جيڏو وڏو امن قائم ڪريون. هن چيو ته نفرت بدران سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب ۽ گڏيل روايتن ڏانهن واپس موٽون. هٿ وڌائڻ ڪمزوري نه پر دانائي آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي بحران آهي جنهن کي ختم ڪرڻ مستقل مستقبل لاءِ ضروري آهي. هن "ڊيجيٽل پروپيگنڊا” جي خطري کي به اجاگر ڪيو جيڪو انتهاپسندي کي هٿي ڏئي ٿو.بلاول چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي طوفان ۾ بيهڪ وڃائي نه ويٺو آهي، پر پنهنجي ٻيڙي پاڻ هلائي رهيو آهي. اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 92 هزار قربانيون ڏنيون، 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو، پر اڄ به وڙهندا پيا آهيون، ڇو ته سرينڊر ڪرڻ جو متبادل اسان وٽ ناهي، ۽ پاڪستان جي لغت ۾ سرينڊر جو لفظ ناهي. گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستاني فوج عوام جي حمايت سان القاعده جا نيٽ ورڪ ٽوڙي ڇڏيا، داعش جهڙين نام نهاد خلافتن کي ختم ڪيو ۽ ٽي ٽي پي کي سندن مضبوط مورچن مان ڌڪي ڪڍيو. "آپريشن ضرب عضب اتر وارن علائقن کي صاف ڪيو، ردالفساد شهرن ۾ خفيه سيلز کي ختم ڪيو، اڄ بلوچستان ۾ ٿيندڙ آپريشن ڌارياڻ پسندن ۽ پرڏيهي دهشتگردن جي وچ ۾ رابطن کي ٽوڙي رهيا آهن. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغان طالبان جي حڪومت جي حمايت ڪئي، پر ان جي بدلي ۾ سرحد پار حملن ۾ واڌ آئي. "طالبان حڪومت کي هڪ حقيقت طور تسليم ڪيو ويو، هنن استحڪام جو واعدو ڪيو، پر ان جي بدران ٽي ٽي پي، بي ايل اي، اي ٽي ايم جهڙين تنظيمون پاڪستان اندر محفوظ ٿي ويون. هن چيو ته "دهشتگردن جو نه ڪو مذهب آهي، نه قوميت، نه ذات ۽ نه عقيدو. اهو خطرو ڪنهن قانون جو احترام نٿو ڪري، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششون ضروري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.