حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته وزيراعلي سنڌ ٻڌائي ته آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟ معصوم ٻارڙي 47 مھينن کان قيد ۾ آھي. مغوي ٻارڙي جي ماءُ مسلسل احتجاج ڪندي رھي آھي، هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت ٻڌائي ته ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ اقليتن ۽ غريب ماڻھن جون نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي؟ ھاري، مزدور ۽ عام ماڻھو ڪنھن به وقت ڪنھن ڏوھاري جي نشاني تي اچي سگھن ٿا ۽ انھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي،هن چيو ته معصوم پريا ڪماري کي 10 محرم تي سبيل ھلائيندي اغوا ڪيو ويو هو. وزيراعلي مراد علي شاھ ۽ آئي جي سنڌ کي گھرجي تہ اھي فوري طور معصوم پريا ڪماري جي گھر پھچي وارثن سان ملاقات ڪري کين ٻارڙي جي بازيابي جي خاطري ڪرائين.