غوثپور )رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي ڀرسان جعفري موڙ واري علائقي ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن ٻٽ ٻڌل ڏوھارين غوثپور کان واپس ڳوٺ ويندي ٽئڪسي ۾ سوار ڏھن سالن جي نينگر احمد شعيب جاگيراڻي کي ھٿيارن جي زور تي لاھي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، علائقي ۾ چئوٻول آھن ته نينگر کي ڀيا برادري جي ھٿياربندن زبردستي ٽيڪسي مان لاھي اغوا ڪيو آھي جنھن جي وڊيو به انھن سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آھي، ڪجھه مھينا اڳ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن ڪچي ۾ ڪاھ ڪري خالق ڀيو جو چوپايو مال ڦر ڪيو ھو ۽ مزاحمت تي ٻھ ڀيا برادري جا ماڻھو به زخمي ٿيا ھئا، ھي واقعو ان جي پلاند ۾ ڪيو ويو آھي، واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن، ٻي پاسي واقعي جو اطلاع ملڻ تي غوثپور پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي هئي، جڏھن ته جاگيراڻي برادري جا ھٿياربند به پيري پويان نڪري روانا ٿي ويا هئا.