دنيا پنهنجي سائنسي علم سان ماڊرن ۽ پوسٽ ماڊرن دور کان گذري، مصنوعي ذهانت جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. انساني سماج جي ترقي لاءِ يقينن رياستون، حڪومتون ۽ ادارا ماحول جوڙيندا آهن،انهن کي هلائيندڙ فردن جا تصور، محنت ۽ نيڪ نيتي انساني سماج جي ترقي جو بنياد وجهندا آهن. ترقي يافته سماج پنهنجي روايتن مان نڪري، نئين نسل کي جديد دنيا سان ڳنڍي، ترقيءَ جا رستا کولي رهيا آهن. پر اسان جو سنڌي سماج، جيڪو پاڻ کي موهن جي دڙي جو تسلسل ته سمجهي ٿو پر اڄ به عالمي ترقي جي مقابلي ۾ سوين سال پوئتي نظر اچي ٿو. اها وڇوٽي نه رڳو تعليم، ٽيڪنالاجي يا معيشت ۾ آهي، پر اسان جي سوچ ۽ عمل ۾ به واضح آهي. سنڌي سماج جي پوئتي هجڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر سڀ کان وڏو سبب اسان جي انفراديت جي تنگ سوچ آهي. هر فرد چاهي اهو ڪهڙي به منصب تي هجي، صرف پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏئي ٿو. نتيجي ۾، اجتماعي سوچ ختم ٿي رهي آهي، ۽ ان ڪري تعليم، تحقيق، اخلاقيات، ميرٽ ۽ سماجي ذميواري يتيم ٿي ويا آهن ۽ اسان جو نوجوان جديد علم کان ڪوهين ڏور محرومي جي احساس ۾ ڀوڳي پيو. سنڌي سماج جو پورو انحصار رياست ۽ حڪومت تي آهي، اها اسان جي فراريت اسان کي اهي بهانا ٺاهڻ تي مجبور ڪري ٿي ته حڪومت يا ادارا ڪجهه نٿا ڪن، اسين ڇا ڪريون ؟ اها سوچ اسان کي روايتي دائري ۾ قيد ڪري ٿي ۽ اسان نئين دور جي تقاضن کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.
اجتماعي طور سنڌي سماج اڃا تائين روايتي زمينداري نظام ۾ جڪڙيل آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ماڻهو اربين رپين جا ڪاروبار هلائي، سوين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪن ٿا ۽ سندن اولاد عالمي مارڪيٽن ذريعي ترقي يافته ۽ خوشحال سماجن سان ڳنڍجي ٿو. پر سنڌ ۾ هزارين ايڪڙن جا زميندار زمينداري کي شوق طور ڏسن ٿا ۽ جديد ڪاروبار طرف ڌيان نه ٿا ڏين. تفريحي ماڳن، صنعت، ٽرانسپورٽ، نجي اسپتالن يا تعليمي ادارن ۾ سنڌي سيڙپڪاري نه هئڻ برابر آهي . سنڌ ۾ زرعي وسيلن جهڙوڪ ٽماٽا، انب، يا چانور جو خريدار به گهڻو ڪري ٻين علائقن جا واپاري هوندا آهن ۽ اهي اسان جي وسيلن مان پنهنجي ايندڙ نسلن جي خوشحالي توڙي ترقي جا گس ڪڍي رهيا آهن ۽ اسان ڪاروباري سوچ کي اپنائڻ ۾ پوئتي آهيون.
مثال طور، بدين ۾ هر سال اندازي مطابق 10,000 ٽن ٽماٽا مناسب اگهه نه ملڻ سبب ضايع ٿين ٿا. ڇا ڪنهن ڪروڙ پتي زميندار اهو سوچيو آهي ته ان مان ڪيچپ يا پيسٽ جي فيڪٽري لڳائجي؟ ساڳي طرح، ميرپورخاص يا ٽنڊي الهيار ۾ انبن جي جوس يا پراڊڪٽس جي صنعت شروع ڪري سگهجي ٿي، پر اهڙي سوچ جو فقدان آهي.سنڌ جي زرعي وسيلن ۾ عالمي مارڪيٽن لاءِ وڏي صلاحيت آهي، پر اسان ان کي استعمال نه ٿا ڪرڻ چاهيون. سنڌي سماج کي پنهنجي ايندڙ نسل جي ترقي، خوشحالي ۽ عالمي سماج سان ڳانڍاپي لاءِ روايتي سوچ مان نڪري هيٺين ڳالهين تي اچڻو پوندو.
هر حال ۾ پنهنجي ٻار جي سندس سوچ ۽ صلاحيتن مطابق تعليم ڏيارڻ. سنڌي نوجوانن کي زراعت سان لاڳاپيل جديد ٽيڪنالاجي (جهڙوڪ Hydroponics يا Agro-Tech) جي تربيت ڏني وڃي ته جيئن اهي روايتي زمينداري بدران جديد زراعت ۽ واپار ۾ حصو وٺن. مقامي سطح تي ننڍين صنعتن (SMEs) کي سرڪاري ۽ نجي شراڪت سان هٿي ڏيڻ گهرجي.سنڌي ڪاروباري ماڻهن کي عالمي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ لاءِ نمائشن (Trade Fairs) يا آن لائن پليٽ فارمن جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
سنڌي سيڙپڪارن کي تفريحي ماڳن، نجي اسپتالن ۽ تعليمي ادارن ۾ سيڙپڪاري لاءِ همٿايو وڃي،جيڪي مناسب منافعي سان گڏ روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪري سگهن.
سنڌي سماج جي ترقيءَ جو دارومدار اسان جي نئين نسل تي آهي. اسان کي پنهنجي زرعي وسيلن، ثقافتي ورثي ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪندي عالمي مقابلي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن اسان روايتي سوچ مان نڪري، جديد ڪاروباري ۽ تعليمي موقعن کي هٿي وٺرايون ته سنڌي سماج نه رڳو عالمي ترقي سان گڏ هلڻ جي قابل ٿيندو، پر موهن جي دڙي جي تاريخي ورثي کي به نئين بلندين تي پهچائي سگهندو. ڇا اسان پنهنجي روايتي سوچ ۽ عمل مان نڪري نئين نسل کي اهڙي مستقبل لاءِ تيار ڪري سگهون ٿا؟
اهو سوال اجتماعي طور پوري سنڌي سماج کي محسوس ڪرڻ گهرجي ڇو ته حڪومتن پاڻ تان اهو وزن لاهي طاقت فردن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ هتي جنهن وٽ جيتري طاقت آهي اهو پاڻ کان ڪمزور تي استعمال ڪري ٿو، درسي ادارن ۾ تعليم، تحقيق ۽ مشاهدا ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن جتي سياست جي نالي تي طاقت هٿ ڪرڻ لاءِ ڄنڊا پٽ لڳي پئي آهي، ادارن ۾ سياسي مداخلتن ۽ پنهنجا نوازي جون سموريون حدون ڪراس ٿي چڪيون آهن ڪنهن وٽ مالڪي جو احساس ناهي. ميرٽ جي لتاڙ سبب صلاحيتن جو قتل عام ٿي رهيو آهي ان جاءِ تي چاپلوسي، منشيات، ڪرپشن ۽ احساس محرومي جي ڪري خودڪشين جو رجحان وڌي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان جي هلندڙ ۽ ايندڙ وقت جي نوجوان لاءِ ڪهڙو رستو بچندو جنهن تي هلي اهو نوجوان ترقي يافته سماجن سان ڳنڍجي سگهندو يا پنهنجي وطن توڙي وسيلن جي حفاظت ڪري سگهندو؟