گهوٽڪي مان تتر وٺڻ ويل ٽي ڳوٺاڻا مبينا اغوا، ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب

گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو)گهوٽڪي ويجھو ٽي ڳوٺاڻا مبينا اغوا ٿي ويا، وارثن کي ڀنگ لاءِ ڪال، ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب، گهوٽڪي ويجھو تتر وٺڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺ جمعو سنگهڙ واسي غلام شبير، عبدالحفيظ ۽ ذيشان علي سنگهڙ کي هٿياربند مبينا اغوا ڪري ويا، ان حوالي سان مغوين جي وارثن پريس ڪلب اڳيان علم الدين سنگهڙ،۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته تتر وٺڻ لاءِ ويل ٽن ڄڻن کي هٿياربند اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪري ويا آهن، جن جي بازيابي لاءِ ڏوهارين پاران مغوي جي نمبر تان فون ڪري ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، هنن چيو ته گهوٽڪي جو امن امان تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي روزانو ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان واردات ٿي رهي آهي، اغوا چوري ۽ ڦر جي واردات عام ٿي وئي آهي، عوام نه روڊ رستن تي محفوظ آهي نه ئي پنهنجي دوڪانن يا گهر ۾ محفوظ آهن، مغوين جي وارثن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.