اسلام آباد (م ڊ) پيٽرول ۽ ڊيزل کان پوءِ گاسليٽ به 15 رپيا 23 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي ويو. اوگرا نوٽيفڪيشن جاري ڪندي گاسليٽ جي نئين قيمت 184.43 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي آهي. ان کان اڳ گاسليٽ جي قيمت 169.20 رپيا في ليٽر هئي.
-
مالي سال 25-2024 ۾ سراسري مهانگائي 4.49 سيڪڙو رڪارڊ
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت مالي سال 25-2024 لاءِ مقرر ڪيل 12 سيڪڙو سالياني مهانگائي هدف جي مقابلي ۾ سراسري مهانگائي 4.49 سيڪڙو تائين محدود ڪري ورتي، جيڪا سنگل ڊجيٽ ۾ رڪارڊ ٿي. وفاقي ڳڻپ کاتي جون 2025 لاءِ مهانگائي بابت مهيني واري رپورٽ جاري ڪئي، جنهن موجب مئي جي ڀيٽ ۾ جون دوران مهانگائي ۾ 0.23 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح 3.23 سيڪڙو رهي. رپورٽ موجب، شهرن ۾ مهانگائي جون مهيني ۾ 0.08 سيڪڙو واڌ سان 3 سيڪڙو تي پهتي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ 0.47 سيڪڙو واڌ سان مهانگائي جي شرح 3.58 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. ڳڻپ کاتي موجب، ناڻي وزارت جون لاءِ 3 کان 4 سيڪڙو مهانگائي جو ڪاٿو لڳايو هو، جيڪو گهڻي ڀاڱي درست ثابت ٿيو.