وزيراعظم جو هرجاڻي جو ڪيس، عمران پاران عدالتي اختيار چئلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان خلاف وزيراعظم شهباز شريف طرفان داخل ڪيل هرجاڻي وارو ڪيس سپريم ڪورٽ تائين پهچي ويو، جتي اڳوڻي وزيراعظم عدالتي دائري اختيار کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف طرفان داخل ڪيل ڏنڊ واري ڪيس خلاف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ عدالتي دائري اختيار کي چئلينج ڪيو آهي ۽ درخواست ڪئي آهي ته اپيل تي فيصلي تائين ڪيس جي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قانون موجب صرف ضلعي ۽ سيشن عدالت ئي هرجاني واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جي دائري اختيار تي اعتراض ڪندي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل سيشن جج اعتراض رد ڪري ڇڏيو، ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ به ان فيصلي کي برقرار رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.