تيل جا اگهه وڌڻ سان مهانگائي جو طوفان، ڀاڙا وڌي ويا، عوام پريشان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) پيٽروليم  شين جي اگهن ۾ واڌاري کان پوءِ ٽرانسپورٽ  جا ڀاڙا به وڌي ويا جڏهن ته  سياسي سماجي ڌرين ۽ عوام اگهه گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌاري کان پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن موجب انٽر سٽي ۽ انٽرا سٽي بسن جي ڪرائي ۾ 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.ڀاڙي ۾  واڌاري تي مسافر پريشانآهن ۽ هڪ مسافر ٻڌايو ته صادق آباد جو ڪرايو 2000 رپيا ڏئي آيا هئا، هاڻي 2300 رپيا وٺي رهيا آهن. هڪ ٻيو مسافر چيو ته ميرپور خاص کان 2500 رپيا ڪرايو ڏئي آيا هئا، واپسي تي 3000 رپيا گهرجي رهيا آهن.سياسي سماجي ڌرين پيٽرول اگهه وڌڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي ته ۾ واڌارو واپس ورتو وڃي، ايندڙ دؤر وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو، مھانگائي وڌندي، آئي ايم جي شرطن تي ھلي حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون آھن، اشرافيا لاءِ سموريون مراعتون آھن ۽ غريب ماڻھن تي ناجائز ٽئڪس مڙھي انھن جو رت چوسيو پيو وڃي،  روزانو آئي ايم ايف جي خنجر سان عوام کي ماريو پيو وڃي، حڪومت ٻڌائي ته غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ کي ظلم ۽ معاشي دهشت گردي قرار ڏيندي چيو آهي ته هي قدم نااهل ۽ بي حس حڪمران طبقن جي عوام دشمن پاليسين جو نتيجو آهن، اهڙي واڌ نه رڳو مهانگائي جي طوفان کي وڌيڪ تيز ڪندي پر غريب ۽ وچولي طبقي جي زندگي کي وڌيڪ عذاب بڻائي ڇڏيندي. هن چيو ته ظالم حڪمران آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪروڙين غريب پاڪستانين کي بک ۽ فاڪا ڪشي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز ۽ نور نبي پليجي پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته بلاول شھباز اتحادي سرڪار پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي عوام مٿان مهانگائي جي ڇِپ ڪيرائي آهي، پيٽرول ساڍا اٺ روپيا ۽ ڊيزل ساڍا ڏهه روپيا مهانگو ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي تڪليفن ۾ اضافو ڪيو آهي، سرڪاري ملازمن جي پرامن احتجاج مٿان پوليس تشدد جي مذمت ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن اڳيان ڪڪڙ بڻجي ويل سنڌ پوليس سنڌ جي پر امن شهرين تي وحشياڻو تشدد بند ڪري . جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ تيل اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ کي عوام مٿان شھباز حڪومت جو ڊرون حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ مهيني اندر فارم 47 جي جعلي حڪومت پاران پيٽرول في لٽر14 رپيا ۽ ڊيزل في لٽر17 رپيا مهانگو ڪرڻ سان ملڪ ۾مهانگائي جو نئون طوفان ايندو جنهن سان اڳ ۾ ئي مهانگائي جي ماريل عوام جي چيلهه چٻي ٿي ويندي، عالمي منڊي ۾ في بيرل80 ڊالر کان گهٽ ٿي ڪري 66 ڊالر ٿيڻ باوجود پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو عوام مٿان سراسر ظلم آهي، هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان عوام جي خريداري قوت گهٽ، ڪاروباري سرگرميون ختم ۽ معاشي مشڪلات ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافي سان هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي. ته آءِ ايم ايف جي فرمائش تي موجوده هائبرڊ نظام جي پيداوار ۽ ووٽ چور حڪمرانن پيٽروليم ليوي ۽  غنڊه ٽيڪس في لٽر 100 رپين کان به وڌائي عوام کان زنده رهڻ جو حق به کسي ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.