اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙن کي معافي نه ملندي: ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته ٽيڪس ڏيندڙن کي تنگ ڪرڻ يا حراسان ڪرڻ جي اجازتنه ڏني ويندي، بدعنوان آفيسرن کي معافي نه ملندي ۽ خراب ساک وارن عملدارن کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير بلال اظهر جي موجودگيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته ايمانداريءَ ۽ جوابدهي تي ٻڌل نظام لاءِ اداري ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن، ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي نالي تي شهرين سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. بلال اظهر چيو ته حڪومت جي اپائن سان مهانگائي 12 سيڪڙو جي اڳڪٿي جي مقابلي ۾ 4.5 سيڪڙو تائين اچي وئي، پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان نئون ٽن سالن وارو پروگرام معاشي استحڪام جو سبب بڻيو. هن ٻڌايو ته مالي سال 2025 ۾ بنا منی بجيٽ جي سڀ هدف حاصل ڪيا، ايف بي آر جي آمدنيءَ ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ ناڻي ذخيرا به بهتر ٿيا. بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جو فنڊ 460 ارب کان وڌائي 716 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.