پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو. فيصلو پاڪستان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرينز جي درخواست تي آيو، جنهن ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورهاست صحيح نموني ناهي ڪئي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنهن ميمبر کان حلف نه ورتو وڃي. درخواست گذار موجب پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين کي وڌيڪ عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون ملڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.