اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن سنڌ، پشاور، بلوچستان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽن جي مستقل چيف جسٽسز جي مقرري لاءِ نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڊيشل ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس پاڪستان، يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چئن هاءِ ڪورٽن جي مستقل چيف جسٽسز جي مقرري لاءِ هر هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين ٽن ججن جي نالن تي غور ويچار ڪيو ويو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس عتيق شاهه، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس سرفراز ڊوگر، بلوچستان هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس روزي خان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ سينيئر جج جسٽس جنيد غفار جي نالن جي منظوري ڏني وئي. جڊيشل ڪميشن مقررين بابت وزيراعظم کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سيڪريٽري جڊيشل ڪميشن وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي خط لکي اهو ڄاڻايو آهي ته آرٽيڪل 175-اَي جي شق 8 تحت ججن جي مقرري جو عمل مڪمل ڪيو وڃي. واضح رهي ته جڊيشل ڪميشن ۾ 13 مستقل ميمبر شامل هوندا آهن، پر هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري وقت ميمبرن جو انگ 16 ٿي ويندو آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 9 ميمبرن جي اڪثريت سان منظوري ڏني ويندي آهي.اجلاس ۾ چيف جسٽس پاڪستان، سپريم ڪورٽ جا 4 جج، اٽارني جنرل، حڪومت جا 2 ۽ اپوزيشن جا 2 ميمبر، هر صوبي جو قانون وارو وزير، هاءِ ڪورٽ بار جو نمائندو ۽ هڪ اڳوڻو جج به شامل ٿيو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس دوران 26هين آئيني ترميم تي پهرين فيصلو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته جسٽس منيب اختر، پي ٽي آءِ جا ٻه ميمبر، جوڊيشل ڪميشن ۽ خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير به جسٽس منصور شاهه جي راءِ جي حمايت ڪئي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيى آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري بابت غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو.