مني بجيٽون ۽ سراپا احتجاج بڻيل عوام

تحرير: غلام حسين لغاري

وفاقي ۽ صوبائي سطح تي بجيٽن پيش ۽ منظور  ڪرڻ وارو سلسلو اڃا مس پڄاڻي تي پهتو آهي ۽ نئين مالي جو آغاز ٿيندي هڪ ڏينهن مس گذريو آهي ته وفاق مني بجيٽون پيش ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن عوام سان گڏ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جو متيون منجهائي ڇڏيون آهن جيڪي روڊن رستن تي نڪري آيا آهن ۽ احتجاج پيا ڪن ٻئي پاسي وري حڪومت کين پوليس هٿان گرفتار ڪرائي غيرانساني تشدد پئي ڪرائي سون جي انگ ۾ وڏي عمر وارا مرد ۽ عورت سرڪاري ملازم پينشنر گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيا ويا. هي سڀ ڪجهه تڏهن ٿي رهيو آهي جڏهن محرم جو ڏهاڪو جاري آهي.

وفاق مني بجيٽ آڻڻ لاءِ  پهرين فرصت ۾ گئس ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ سان گڏ فوجي ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ خاص گرانٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهڙي فيصلي کي 24 ڪلاڪ مس گذريا آهن ته ڪالهه کان وٺي تيل جي مصنوعات جا ڳرا اگهه مڙهي ڇڏيا آهن جيڪي پندرهن ڏينهن اڳ اهو بهانو ڏئي وڌايا ويا هئا ته خطي ۾ جنگي حالتون هجڻ ڪري تيل جا اگهه وڌيا آهن جڏهن ته خطي ۾ تيل جا اگهه مسلسل ڪري رهيا آهن سواءِ پاڪستان جي جتي تيل مصنوعات تي به سياست ۽ ڪاروبار هلندو آهي.نئين مالي سال جي شروعات تي ۽ ڀلاري مهيني محرم الحرام جي موقعي تي حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه به اٺن رپين کان ڏهن رپيا هڪدم وڌائي نه صرف عوام کي پر پوري ملڪ کي آڙاهه ۾ وڌو ويو آهي جنهن سان مهانگائي جو هڪ نئون طوفان اٿيو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ مشڪل آهي.جڏهن کان ن ليگ ۽ اتحادين جي حڪومتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي.

 تيل مصنوعات جا اگهه وڌڻ معمول جو حصو بڻجي چڪو جنهن سان مهانگائي جو تناسب وڌيو آهي پر گهٽيو ناهي جڏهن ته حڪومت مهانگائي جي شرح کي گهٽجڻ جي هروقت دعوي ڪندي رهي ٿي ۽ اهڙو بهانو بڻائي نئين سال جي بجيٽ پيش ڪئي جنهن کي عام ماڻهن توڙي سرڪاري ملازمن پينشنرن رد ڪري ڇڏي آهي.ڏٺو وڃي ته هر سال مهانگائي جو تناسب وڌي رهيو آهي تيل گئس بجلي جا اگهه وڌي رهيا آهن پر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ مناسب واڌارو ناهي ڪيو ويو سواءِ وفاق جي سو به وفاقي سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي جن کي اڳ ۾ ئي وڏيون مراعتون ۽ بونس به ملن ٿا باقي صوبائي ملازم ۽ پينشنر خاص ڪري سنڌ جا ساڳي عتاب ۾ آهن جن کي هڪ ته گروپ انشورنس واپس نٿو ڪيو وڃي پر سندن هائوس رينٽ ۽ ڪنوينس الائونس ويهارو کن سال پراڻا ۽ هڪ هنڌ ڄميل آهن.سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي به الڳ هائوس رينٽ ملي ٿو جڏهن ته عام ملازم کي ملندڙ هائوس رينٽ مان هڪ ڪمري واري جاءِ ملڻ به مشڪل ٿئي ٿي.سنڌ جو سرڪاري ملازم ۽ پينشنر پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو نجي اسپتالن مان علاج به مشڪل سان ڪرائي سگهي ٿو ۽ سندن ميڊيڪل بل سالن جا سال انتظامي سيڪريٽرين يا خزانه کاتي وٽ بي يارومددگار پيل آهن جن تي به سياست ۽ ڪاروبار هلي ٿو.صوبائي حڪومتن جو اهو جواز رهي ٿو ته اهي وفاق جي فيصلن جا پابند رهن ٿا جڏهن ته 18 ترميم بعد اهو جواز بي معني آهي صوبا بجيٽ ٺاهڻ ۾ آزاد آهن.باقي وفاق وارو جواز آهي ته پوء سنڌ جو ملازم ڊسپيئرٽي الائونس کان سالن کان وٺي ڪهڙي سبب محروم آهي.چار سال اڳ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف اپريل 22 ۾ ڏهه سيڪڙو پينشن وڌائي هئي جيڪا سڀني صوبن پنهنجي ملازمن کي ڏني هئي پر سنڌ جي وڏي وزير اهڙي فيصلي تي عمل نه ڪيو هو جنهن سان به پينشنرن جي پينشن ۾ وڏو فرق آيو ۽ آهي.پ پ پ جمهوريت ۽ انصاف جي ڳالهه ڪري ٿي پوءِ به سنڌ سان ناانصافي ٿئي ته اها زيادتي چئبي.

    وفاقي حڪومت مني بجيٽ پيش ڪري تيل گئس جون جيڪي قيمتون وڌايون آهن تنهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻهو تي پوندو گاڏين جا ڀاڙا وڌندا ۽ جڏهن اهي وڌيا ته ملڪ ۾ مهانگائي جي تناسب ۾ وڏو وڌاراو ايندو بلڪه شروع ٿي چڪو آهي جنهن سان محدود آمدني وارو ماڻهو سرڪاري ملازم ۽ پينشنر ئي متاثر ٿيندو وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن تي ڪو به فرق نه پوندو جن جون پگهارون ۽ مراعات ٻن سون کان اٺ سئو سيڪڙو اڳ ۾ وڌائي وئي آهي.روزمرهه جي واهپي وارين شين جا اگهه وڌيا ته مهانگائي ۽ غربت جو واڌارو ٿيندو خاص ڪري بيروزگار طبقو متاثر ٿيندو جن کي هڪ ويلي جي ماني به ميسر نه هوندي ۽ ملڪ انقلاب طرف هليو ويندو جنهن تي به نظر رکڻ گهرجي.وفاق کي هر هر آئي ڏينهن اهڙا فيصلا نه ڪرڻ گهرجن ۽ مني بجيٽون ڏيڻ کان گريز ڪري جنهن جا منفي اثر پون.         عوام ۽ سرڪاري ملازمن پاران وفاقي توڙي صوبائي بجيٽن کي رد ڪرڻ سان گڏ اهي سراپا احتجاج بڻيل آهن جنهن جا به سرڪاري وهنوار تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا خاص ڪري ملازمن جي احتجاج سبب عام ماڻهو جا ڪم متاثر ٿيندا ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي.سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن ۾ جيڪا ڪاوڙ آهي اهي حق تي آهن انهن کي ٻڌڻ گهرجي ساڻن ڳالهيون ڪرڻ گهرجن تشدد ۽ گرفتارين سان مسئلا حل نه ٿيندا جيڪي ڪالهه ڪراچي ۾ گرفتار ٿيا آهن تن کي غيرمشروط آزاد ڪيو وڃي.هڪ ئي هفتي دوران ملازمن جو ٻيو ڀيرو احتجاج سو به سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڪا چڱي ڳالهه ناهي اڳ ۾ امن امان جو مسئلو به آهي جنهن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي.

                                                  هڪ اها به ڳالهه سامهون آئي آهي ته وفاق سنڌ کي هن سال گهٽ ۾ گهٽ مالي ايوارڊ ڏئي سنڌ سان وڏي زيادتي ڪئي آهي جنهن سان به سنڌ مالي طور ڪمزور آهي ۽ اها پنهنجي ملازمن کي وڌيڪ رليف ڏيڻ کان لاچار آهي جنهن لاءِ وفاق سنڌ کي پنهنجي ايوارڊ جو پورو حصو ڏئي ته جيئن سنڌ پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ۽ هر هر مني بجيٽ ڏيڻ واري فرسوده روايت کي ٻنجو ڏئي جنهن سان ملڪ مهانگائي جي زد ۾ اچي وڃي.ساڳي وقت پ پ پ قيادت به پنهنجي وعدن تي عمل ڪري سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافو ڪري سنڌ مان هن قسم جي بيچيني ختم ڪري.نه صرف اهو پر گروپ انشورنس واري سالن کان رهيل رقم ملازمن کي واپس ڪرائي وڃي جيڪو هنن جو بنيادي ۽ اخلاقي حق آهي. رهيو سوال وفاق جي غيرآئيني قدمن جو ته اهي کڻڻ بند ڪري تيل گئس بجلي جا غيرآئيني طور وڌايل اگهه واپس ڪري ملڪ کي ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ کان گريز ڪري ۽ صوبن کي پابند ڪري ته مهانگائي کي وڌڻ نه ڏئي جيڪا گذريل ڪجهه سالن ۾ وڌي وڻ ٿي چڪي آهي ۽ انجون پاڙون گهريون ۽ مضبوط ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.