پاڪستان عورتن جي نيٽ بال ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستاني وومين ٽيم زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مالديپ کي 39 جي مقابلي ۾ 49 گولن تان شڪست ڏيند ٽورنامينٽ ۾ پنجين ڪاميابي ماڻي ورتي.
چيمپيئن شپ ۾ ٽيمون رينڪنگ جي بنياد تي ٻن گروپن ۾ ورهايون ويون، جتي پاڪستان پول بي ۾ 10 پوائنٽن سان سرفهرست آهي. پاڪستان هاڻ سيمي فائنل پنهنجي ئي گروپ جي چوٿين پوزيشن تي موجود جپان خلاف کيڏندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.