راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته عمران خان 10 محرم الحرام کانپوءِ تحريڪ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته عمران خان چيو آهي ته 10 محرم الحرام کانپوءِ هن غلامي جي نظام خلاف تحريڪ هلائينداسين.
هن چيو ته عمران خان کي اڪيلائي ۾ قيد ڪيو ويو آهي، کيس حق نه پيا ملن.
عمران خان پارٽي قيادت کي 10 محرم الحرام کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
You might also like