واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام تي لاڳو پابندين کي باضابطا طور ختم ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي کي اها هدايت به ڪئي وئي آهي ته ايڇ ٽي ايس گروپ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.
هوڏانهن دمشق جو چوڻ آهي ته ان قدم سان معاشي بحالي جا رستا کلندا.