پڙهڻ کان رهجي ويل ” اي ميلز“ واري جهنجهٽ مان بچڻ جو سولو حل

جي ميل استعمال ڪندڙن لاءِ خوشخبري آهي، ڇو ته گوگل ”مارڪ ايز ريڊ“ بٽڻ کي نوٽيفڪيشن بار ۾ شامل ڪرڻ جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪو خاص ڪري اهڙن واهپيدارن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جن جو انباڪس پڙهڻ کان رهجي ويل (اَ ريڊ ) اي ميلز سان ڀريل آهي.
رپورٽن موجب، في الحال هي فيچر رڳو ڪجهه اينڊرائيڊ واهپيدارن کي جي ميل نوٽيفڪيشنز ۾ مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي هو اطلاع واري اسڪرين تان ئي ڪنهن ميل کي پڙهڻ کانسواءِ ”مارڪ ايز ريڊ“ ڪري سگهندا.
هڪ سروي موجب، هڪ عام جي ميل استعمال ڪندڙ کي روزانو 10 کان 11 پيغام ملن ٿا، جيڪي جيڪڏهن نظرانداز ٿين ته وقت سان گڏ اَن ريڊ ميلز جو انگ وڌندو رهي ٿو.
نئون فيچر اهڙي قسم جي ميلز کي اثرائتي نموني سنڀالڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
هن فيچر ذريعي صارف پنهنجو وقت بچائي سگهن ٿا، ڇو ته هاڻي هر اي ميل کي ايپ کولڻ يا برائوزر مان پڙهڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ رڳو نوٽيفڪيشن بار مان ئي ميل کي پڙهيل قرار ڏئي سگھجي ٿو.
ياد رهي ته آءِ فون واهپيدارن لاءِ هي فيچر اڳ ئي موجود آهي، جڏهن ته واٽس ايپ سميت ڪيترين ئي ايپس ۾ ”مارڪ ايز ريڊ“ جي سهولت موجود آهي.
گوگل طرفان في الحال ان بابت ڪا تصديق نه ڪئي وئي آهي ته هي فيچر سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن تائين دستياب ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.