بلاوائيو (ويب ڊيسڪ) پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا زمبابوي کي 328 رنسن جي وڏي مارجن تان مات ڏئي ڇڏي .
بلاوائيو ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن زمبابوي جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 208 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا زمبابوي کي ميچ کٽڻ لاءِ 537 رنسن جو وڏو هدف ڏنو هو.
ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگز ۾ 418 رنسون ٺاهي 9 وڪيٽن تي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ آفريڪي ٽيم 369 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
زمبابوي پهرين اننگز ۾ 251 ۽ ٻي اننگز ۾ 208 رنسن ٺاهي سگهي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان پهرين اننگز ۾ 153 رنز اسڪور ڪندڙ لوهان ڊري پريٽوريس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ٻنهي ٽيمون وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 جولاءِ تائين بلاوائيو ۾ ئي کيڏي ويندي.
You might also like