فالج سٽيل نظام قوم جي اميدن کي گُهٽي ڇڏيو آهي: شيخ وقاص

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم جو چوڻ آهي ته هڪ مينڊيٽ اسان جو 8 فيبروري تي چوري ٿيو ۽ ٻيو مينڊيٽ اسان کان مخصوص نشستن جي فيصلي ذريعي چوري ڪيو ويو آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تازي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هي ملڪ بي‌آئين ۽ بي‌قانون بڻجي چڪو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل سازش تحت عمران خان جي حڪومت کي ڪيرايو ويو، سنڌ هائوس ۾ بي ضميرن جي منڊي لڳائي وئي، هن چيو ته عمران خان ٻن ۾ حڪومتن جي قرباني ڏني پر آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي 90 ڏينهن اندر اليڪشن نه ڪرائي وئي، شيخ وقاص چيو ته هن ملڪ جو نظام مڪمل طور تي مفلوج ٿي چڪو آهي، ۽ ان فالج سٽيل نظام جا اثر آهستي آهستي سموري ملڪ کي ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن، مخصوص نشستن وارو فيصلو صرف تحريڪ انصاف خلاف نه آهي، پر ان فيصلي سان سڄي قوم جي اميدن جو گلو گھٽجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.