اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداری ايندڙ مالي سال جي فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن سان نئين بجيٽ جي منظوري جو عمل مڪمل ٿي ويو، صدر جي صحيح کانپوءِ وفاقي بجيٽ قانوني طور تي رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي وئي آهي، صدر جي منظوري کان پوءِ فنانس بل تحت تجويز ڪيل مختلف ٽيڪس قدمن تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، جنهن ۾ آمدني تي ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، درآمدات تي ڊيوٽيون ۽ ٻين مالي پاليسين ۾ تبديليون شامل آهن.