اسلام آباد (اسد طور) عمران خان کي جيل ۾ رکڻ لاءِ هڪ منظم منصوبو جاري آهي، جنهن ۾ ملڪ جي اهم شخصيتون شامل آهن. 9 مئي جا واقعا، توشاخانا ڪيس، ۽ ٻيا معاملا عمران خان خلاف استعمال ڪيا پيا وڃن. عدالتن ۾ عمران خان جي اپيلن جي ٻڌڻي ۾ دير ڪئي پئي وڃي. اڊيالا جيل ۾ توشاخانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي جج جي موڪل تي هجڻ سبب ملتوي ٿي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اهو ڪيس چئلينج ڪيل آهي، ان جي آخري ٻڌڻي، 28 جنوري تي ايڊيشنل جج جسٽس انعام امين منهاس ڪئي هئي. اپريل ۾ جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏني وئي، اها درخواست منظور ٿي پر اڃا ڪيس جي ٻڌڻي ناهي ٿي. 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ آيل روسٽر موجب جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس آصف واري بينچ ئي ناهي، يعنيٰ نه بينچ هوندي نه ٻڌڻي ڪندي. سزا آيل پي ٽي آءِ جي ماڻهن جي درخواستن تي به ٻڌڻي ناهي ٿي رهي. اسٽيبلشمينٽ وٽ پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي ن ليگ ۾ موڪلڻ لاءِ کوڙ هٿيار آهن. مخصوص سيٽن وارو فيصلو، کين آزاد ڪري ٽوڙڻ وارو فيصلو، 9 مئي وارا ڪيس کين نااهل ڪري سگهن ٿا. سزا آيلن جي ته ٻڌڻي به نه ٿيندي. هي نظام بنا مينڊيٽ جي طاقت حاصل ڪري رهيو آهي. مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ جيڪو تڪرار آهي ته 13 رڪني بينچ جي فيصلي کي 12 رڪني بينچ ختم ڪيو. انهن مان به آرڊر تي 10 جون صحيحون آهن ٻن جون صحيحون ناهن جن ۾ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي شامل آهن. ان تي سني اتحاد ڪائونسل ۽ پي ٽي آءِ طرفان پٽيشن داخل ڪئي آهي ۽ سڀني ججن جي صحيح وارو آرڊر گهريو آهي.