ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن تي تشدد، شيلنگ، ڪيترائي زخمي، 300 گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن ۽ ٻين ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، استادن کي سي ايم هائوس طرف وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس اڳواٽ پريس ڪلب جا رستا به بند ڪري ڇڏيا.  گسٽا، آپڪا، سسپلا، سپلا، پ ٽ الف سميت ۽ ٻين تنظيمن تي ٻڌل سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ملازمن پاران اشرف خاصخيلي، غلام رسول مھر، اقبال پنھور جي اڳواڻي ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾  جوڳي واڌ نه ڪرڻ، ڊسپيرٽي ريڊيڪشن الائونس ۽ رٽائر ملازمن کي گروپ انشورنس نه ڏيڻ سميت مڙني مطالبن جي مڃتا لاءِ سڄي سنڌ کان آيل ھزارين ملازمن ڪراچي پريس ڪلب ٻاھريان احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو، احتجاجي ڪئمپ تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد منير حيدر شاھ، جگديش آھوجا سميت سياسي سماجي اڳواڻ پھتا. ملازمن جي احتجاج سبب سنڌ حڪومت پاران ملازمن جي وفد کي ڳالھين لاءِ طلب ڪيو، جنھن تي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي چيئرمين اشرف خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ وفد صوبائي وزير سيد ناصر شاھ سان ڳالھين لاءِ پھتو جتي ڳالھيون ٿيون پر ڳالھيون ناڪام ٿي ويون جنھن کانپوءِ سرڪاري ملازمن وزيراعلي ھائوس ڏانھن مارچ شروع ڪيو پر پوليس مارچ کي پولو گرائونڊ وٽ روڪي ورتو، جتي سرڪاري ملازمن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، پوليس ملازمن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ شيلنگ ڪندي لٺبازي ڪئي، جنھن سبب ڪيترائي ملازم زخمي ٿي پيا، پوليس پاران سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مرڪزي اڳواڻ اقبال پنھور، اسرار احمد شاھ، وزير علي پنھور، جان محمد برفت، علي صفيان پيرزادو، ھاشم سومرو، ھنسراج گورڌن، اعجاز ڀانپوٽو سميت 300 کان مٿي ملازمن کي گرفتار ڪري وئي. پولو گرائونڊ وٽ مسلسل ملازمن تي شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب ملازمن جو مارچ اشرف خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ واپس پريس ڪلب پھتو، جتي ملازمن پاران قائم ڪيل احتجاج ڪئمپ تي سخت احتجاج ڪيو، انھي موقعي تي اشرف خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي احتجاج بعد وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ پاران ڳالھين لاءِ ناڻي واري وزير سيد ناصر شاھ کي مقرر ڪيو جنھن جي آڏو اسان ٽي مطالبا رکيا جن کي سيد ناصر شاھ جائز قرار ڏنو، ھن چيو ته اسان جي مطالبن تي غور ڪرڻ لاءِ ھڪ ھفتي جي مھلت گھري پر اسان مھلت کان انڪار ڪيو. اسان سمجھون ٿا ته سنڌ حڪومت اسان لولي پاپ ڏئي آسرن تي ھلائي رھي آھي، اسان جا سرڪاري ملازم ٽي دفعا احتجاج ڪري چڪا آھن پر حڪومت آسرن ۾ ھلائي رھي آھي اسان انڪار ڪري وزيراعلي ھائوس ڏانھن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته حڪومت پنھنجي چھري تان نقاب لاھي اسان تي گوليون ھلائي شيلنگ ڪئي، جنھن سبب اسان جا ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آھن ۽ 300 کان مٿي ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي، ھن چيو ته اسان حڪمت عملي جوڙي بلاول ھائوس ڏانھن رخ ڪنداسين پوليس کي موڪل آھي وڻي جيڪو ڪري، ھن چيو ته اسان پنھنجي جائز حقن جي گھر ڪيون پيا، جتي وزير پنھنجي پگھار ۾ سئو سيڪڙو واڌ ڪري سگھن ٿا، اتي اسان جي پگھار ۾ 50 سيڪڙو به واڌ نٿي ڪئي وڃي ھن وڌيڪ چيو ته پگھارن ۾ گروپ انشورنس لاءِ ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي پر گروپ انشورنس نٿو ڏنو وڃي. ھنن چيو ته مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته پريس ڪلب آڏو ڌرڻو جاري رھندو ۽ ٻيھر وزيراعلي ھائوس ۽ بلاول ھائوس جو گھيرو ڪنداسين.  هوڏانهن سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي سرڪاري ملازمن جون پگهارون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هونديون ته اهو فرق ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن اها خاطري ڪراچي ۾ ڪمشنر آفيس ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻي ۾ شامل سرڪاري ملازمن جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪرائي. نمائندن وفد وزير توانائي کي ڌرڻي جا تفصيل ۽ پنهنجن مطالبن بابت ڄاڻ ڏني. ناصر شاهه وفد جا سڀئي مطالبا همدردي سان غور سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته سنڌ هميشه ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنهنجن سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون آهن، پر جيڪڏهن ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي آهي ته اها ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ ورتا ويندا. توانائي واري وزير وفد کي چيو ته محرم الحرام جي احترام ۾ ڌرڻو فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ عاشوري کانپوءِ ٻيهر ڳالهيون شروع ڪري سگهجن ٿيون. ناصر شاهه ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ فنانس کاتي جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ جائزو ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا وفد جي مطالبن جو جائزو وٺي عاشوري کانپوءِ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، جنهن جي بنياد تي حڪومت آخري فيصلو ڪندي.

ملازمن تي تشدد آمريتي دور جو ورجاءُ آهي: قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ملازمن تي تشدد ۽ گرفتارين جيمذمت ڪندي چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪندڙ استادن ۽ سرڪاري ملازمن تي پوليس جي لٺبازي، شيلنگ ۽ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. پرامن احتجاج ملازمن جو حق آهي، انهن تي تشدد آمريت جي دور جو ورجاءِ آهي، سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي، هن مطالبو ڪيو ته فوري گرفتار ملازمن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ملازمن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.

تشدد جي مذمت، سرڪاري ملازمن جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن:صنعان  قريشي

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته جسقم نوشهروفيروز جي چيف آرگنائيزر فيصل مستوئي سميت نوشهروفيروز مان گرفتاري بعد گم ڪيل جسقم جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد نه ڪرڻ لاقانونيت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، فيصل مستوئي سميت نوشهروفيروز مان گرفتار ڪيل جسقم جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ اڄ سڄي سنڌ ۾ جسقم ڪارڪن وات ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙي پريس ڪلبن اڳيان ۽ شهر جي مُک چونڪ تي احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪن، صنعان خان قريشي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پرامن احتجاج مٿان ڪراچي جي روڊن تي پوليس پاران تشدد تي چيو آهي ته پگھار ۽ پينشن ۾ اضافي ۽ ڊسپيرٽي ريڊيڪشن الائونس لاءِ سنڌ جا سرڪاري ملازمن جي احتجاج مٿان سرڪار جي شينگ ۽ لٺ بازي جي مذمت ٿو ڪريان، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ملازمن جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن،

جماعت اسلامي سنڌ پاران استادن مٿان پوليس تشدد جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچيءَ ۾ وزيراعلى هائوس ڏانهن ويندڙ پُرامن احتجاج ڪندڙ اُستادن مٿان پوليس پاران لٺ بازي، رٻڙ جون گوليون هلائڻ ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سميت گرفتارين جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس پنهنجا جائز حق گهرندڙ استادن ۽ سرڪاري ملازمن مٿان بدترين تشدد ڪري پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ بدران سنڌ ۾ امن امان قائم ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمو ڪري پنهنجي غيرت جو مظاهرو ڪري. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ اڄ هڪ مذمتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عوام جي ٽيڪسن مان خريد ڪيل هٿيار ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث رهزنن جي خلاف استعمال ڪرڻ بدران معزز استادن ۽ سرڪاري ملازمن مٿان بدترين تشدد ڪري جنرل مشرف ۽ ضياءَ جي آمريت کي به لڄائي ڇڏيو آهي، وزيراعلى ۽ تعليم واري وزير کي گهرجي ته سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪندي مسئلا حل ڪيا وڃن هر مسئلي جو حل طاقت ۽ گرفتارين سان نه ٿيندو بلڪه حڪومت جي اهڙي عمل سان وڌيڪ انتشار پيدا ٿيڻ جو خطروآهي.

استادن تي تشدد ڪندڙ پوليس آفيسر معطل ڪيا وڃن:اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ  اياز لطيف پليجي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلبآڏو پرامن احتجاج ڪندڙ استادن ۽ سرڪاري ملازمن تي پوليس پاران ڪيل لاٺي چارج، شيلنگ ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته گرفتار ڪيل استادن ۽ ملازمن کي فوري طور آزاد ڪري سندن جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ۽ ملازمن مٿان تشدد ڪندڙ پوليس اھلڪارن کي فوري طور معطل ڪيو وڃي،هن چيو ته سنڌ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آھي. مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج استادن ۽ ملازمن جو آئيني حق آھي. پرامن ملازمن تي پوليس جو بدترين تشدد دھشتگردي آھي. جيڪا حڪومت ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگھي اھا حڪومت پرامن احتجاج ڪندڙ شھرين تي دشمن ٿي ڪڙڪي پوي ٿي. هن چيو ته  مهانگائي تمام گھڻي وڌي وئي آھي ان حساب سان سرڪاري ملازمن جي پگھار ناھي ۽ سھولتون ناھن.

تشدد سنڌ حڪومت جي آمراڻي سوچ جو عڪس آهي: زين شاھه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر زين شاھ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سرڪاري ملازمن جي پرامن احتجاج تي پوليس گردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي غير آئيني، غير انساني ۽ غير جمهوري عمل قرار ڏنو آهي، ھن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ظالماڻي ۽ آمراڻي انداز جي حڪمراني سان اهو ثابت ڪيو آهي ته اها اختلاف راءِ رکندڙن ۽ حق گھرڻ وارن کان ڊڄندي آھي، هن چيو ته سرڪاري ملازم ڪنهن سياسي نعري يا اقتدار جي لالچ ۾ نه پر پنهنجي جائز،قانوني ۽ آئيني حقن خاص ڪري پگھارن ۽ پينشن ۾ اضافي جهڙن بنيادي مطالبن جي مڃتا لاءِ رستن تي نڪتا آھن جن سان دشمنن وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت فاشزم جو بدترين مثال قائم ڪري رهي آهي جيڪا جمهوري ۽ انساني قدرن جي سراسر خلاف آهي، هن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سمورن سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن جي مڪمل طور حمايت ڪري ٿي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته فوري طور تي ملازمن سان ڳالهيون ڪري ۽ انهن جا مسئلا حل ڪري گرفتار ملازمن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ پوليس گردي جي ذميوار آفيسرن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ ۾ استاد تشدد،گرفتارين ۽ مسئلن جي منهن ۾ آهن:نواز زئور

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته ڪراچي ۾ استادن تي تشدد مذمت جوڳو عمل آهي. سنڌ حڪومت استادن جا مطالبا مڃڻ بجاءِ تشدد کان ڪم وٺي فاشزم جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو عمل جمهوريت جي منافي آهي،هن چيو ته سموري سڌريل دنيا ۾ استادن جي عظمت ۽ عزت کي مقدم ۽ مٿانهون رکيو وڃي ٿو، پر هتي استاد تشدد، گرفتارين ۽ مسئلن جي منهن ۾ آهن. هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي استادن جي مراعتن ۾ فرق آهي. قومي پارٽي استادن جي مطالبن جي حمايت ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.