اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)چونڊ معاملن جي ماهر احمد بلال محبوب بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي فيصلي کانپوءِ حڪومت ڪيترائي فائدا سهيڙيا آهن،جڏهن ته پي ٽي آءِ کان علاوه پ پ ۽ جي يو آءِ جي اهميت ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي ٿيندي، آئيني ترميم لاءِ قومي اسيمبلي ۾ هاڻي جي يو آءِ جي مدد جي ضرورت نه پوندي، هن چيو ته سينيٽ ۾ جڏهن ڪي پي مان باقي 12 سيٽن جي چونڊ ٿيندي ته پوءِ ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته حڪمران اتحاد کي مٿين ايوان ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي وڃي پوءِ آئيني ترميم گهڻي آسان هوندي، هاڻي پ پ جي مطالبن جو سلسلو به گهٽجي ويندو، سينئر صحافي فياض راجا چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ شايد 27هين ترميم به ڏسڻ وٽان ملي،ان نئين ترميم ۾ امڪاني طور تي بلوچستان ۽ اندرين سنڌ مان قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ وڌايو ويندو،نئين آدمشماري ۾ بلوچستان ۽ اندرين سنڌ جي آبادي ملڪ جي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سامهون آئي آهي،هن چيو ته ڪي پي ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ به حڪومت ۽ ان جي اتحادين کي سيٽون ملنديون،فافن جي اڳوڻي چيئرپرسن مسرت قديم بي بي سي کي ٻڌايو ته ان فيصلي ۾ ڪافي جهول آهي،ڪجهه عرصي کان سمجهوتي جو انصاف ۽ سمجهوتي جي سياست ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي،هن چيو ته ووٽر ان فيصلي سان مايوس ٿيندا،اهو جمهوري عمل لاءِ وڏو جهٽڪو آهي،ماڻهو هر روز هڪ نئين فيصلي سان مايوس ٿيندا پيا وڃن ،گذريل ڪجهه عرصي ۾ جهڙي طرح قانون سازي ٿي آهي ان تي گهڻا سوال آهن،