ڪراچي(رپورٽر)هلندڙ سال سنڌ صوبي ۾ مليريا جا 65,116 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 547 ڪيس رڳو ڪراچي مان سامهون آيا آهن، صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ مليريا جا سڀ کان وڌيڪ 211 ڪيس ضلعي اولهه مان رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ٻين ضلعن مان هي انگ سامهون آيا، ضلعي ڏکڻ ۾ 164 ڪيس، ضلعي اولهه ۾ 80 ڪورنگي ۾ 61، اوڀر ۾ 24 ، سينٽرل ضلعي ۾ 7 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ترجمان موجب سنڌ جي ٻين وڏن شهرن حيدرآباد ۾ 24,423 ڪيس، لاڙڪاڻي مان 21 هزار 955 ڪيس، سکر مان 5 هزار 583 ڪيس، ميرپورخاص مان 4,639 ڪيس ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن مان7,969 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مليريا ۽ ڊينگي جي وڌندڙ خطري کي نظر ۾ رکندي، صحت کاتي ايمرجنسي بنيادن تي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.