لينڊ ڪروزر ۾ ويهي جنازي نماز پڙهڻ تي منظور وٽو تنقيد جو شڪار

لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وزير منظور وٽو اوڪاڙا ۾ پنهنجي دوست محمد نواز وٽو جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران هو گاڏي مان نه لٿو ۽ لينڊ ڪروز ۾ ويٺي اي سي ۾ جناز نماز ادا ڪئي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن کانپوءِ واهپيدارن سخت رد عمل ڏيندي ان کي غير مناسب ۽ تڪبر تي ٻڌل عمل قرار ڏنو. وڊيو ۾ منظور وٽو جي گاڏي پهرئين صف ۾ بيٺل نظر اچي ٿي. واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن هو شرڪت ڪرڻ چاهي پيو ته گاڏي کي پٺيان بيهاري، ويل چيئر يا ڪرسي جو بندوبست ڪري سگهي پيو. واهپيدارن چيو ته طاقتور اشرافيا پاڻ کي عوام کان مٿانهون سمجهي ٿي، اهڙيون حرڪتون عام ماڻهو ۽ اشرافيا وچ ۾ فرق واضح ڪن ٿيون. ٻئي پاسي منظور وٽو جي پوٽي جمال وٽو ٻڌايو ته ميان منظور وٽو گذريل ڏهن ورهين کان بيمار آهي، عمر 86 سال آهي، دل جو عارضو، هڏن جا مسئلا ۽ ٻين بيمارين سبب سندن بيهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ان باوجود هو پنهنجي عزيز جي وفات تي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهتو هو. جمال وٽو چيو ته جنازي واري هنڌ تي ڪرسي يا ٻي سهولت جي کوٽ سبب مجبوري ۾ گاڏي ۾ ويهي نماز ادا ڪئي وئي. افسوس آهي جو انهيءَ مجبوري کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.