سوات سانحو، عملو واقعي کان 19 منٽ پوءِ بناسامان پهتو

پشاور(م ڊ) سوات درياءُ ۾ ۾ سياحن جي ٻڏڻ واري واقعي بابت ريسڪيو 1122 جي چرپر سان لاڳاپيل سي سي ٽي وي فوٽيج پڌري ٿي وئي آهي. ذريعن موجب، واقعي کان 19 منٽ پوءِ ريسڪيو 1122 جي ميڊيڪل ايمبولينس واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن ۾ صرف طبي عملي شامل هو، ۽ انهن وٽ پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڪو اوزار نه هو.فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايمبولينس سان گڏ نه پاڻيءَ جي گاڏيون (واٽر وييڪلز) هيون، نه ٻيڙيون ۽ نه ئي ٻيا ضروري اوزار هئا. متاثر خاندان صبح 9:47 تي پاڻيءَ ۾ ڦاٿو، جڏهن ته 1122 جي ايمبولينس 10:07 تي پهتي. ريسڪيو 1122 جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنهن به واقعي ۾ سڀ کان اول ميڊيڪل ايمبولينس ئي موڪلي ويندي آهي، جڏهن ته ريسڪيو ڊيزاسٽر ٽيم ۽ ٽوٻاٿوري دير بعد پهتا. اکين ڏٺن شاهدين موجب، صبح ناشتي بعد سياحن درياءَ جي سڪل حصي تي تصويرون وٺڻ لاءِ ويا، ته اوچتو تيز وهڪرو اچي ويو، ماڻهو جان بچائڻ لاءِ ٽِلين تي چڙهيا، مدد لاءِ پڪاريندا رهيا، پر درياءَ جو وهڪرو ايترو تيز هو جو ڪنهن کي به روڪي نه سگهيو.

  1. پاڪستان مخالف پراگ جين را جو نئون سربراھ مقرر

لاھور(عوامي آواز نيوز) تازي خبر اھا آھي تھ انڊين جاسوسي ايجنسي را جو سربراھھ تبديل ٿي ويوآھي، ۽ نئين سربراھ جي سموري سروس سينٽرڪ رھي آھي.پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران را جي ڪارڪردگي تي سوال اٿيا ۽ روي سنھا جي مدت ملازمت ۾ توسيع نھ ڪئي وئي.نئين را سربراھھ جو نالو پراگ جين آھي.پاڪستان اندر ڀارتي پراڪسي ٽي ٽي پي ھجي يا بي ايل اي ان ۾ اجيت ڊوول بعد پراگ جين جو ھٿ ٻڌايو ويندوآھي.ھن جي مقرري بعد اندازو ڪر ي سگجھي ٿو تھ را جي سموري سرگرمين جو مرڪز ھاڻي پاڪستان ھوندو.ھاڻي سندن فوڪس ٻين ملڪن تي نھ ھوندو جيئن اڳ ڪينڊا ۾ قتل ڪندا رھيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.