ملڪ آئيني پٽڙي تان لهي ويو، نه اڳين حڪومت هلڻ ڏني نه هن کي هلڻ ڏينداسين\فضل الرحمان

بٽ گرام (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان نه اڳ حڪومت کي هلڻ ڏنو هو، نه هاڻ هلڻ ڏينداسين. بٽ گرام ۾ ٿيل "اسلام ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي مولانا فضلالرحمان چيو ته جيئن 2018 جي چونڊن کي نه مڃيو ويو، تيئن 2024 جي چونڊن کي به تسليم نه ٿو ڪيو وڃي، هي چونڊون به ڌانڌلي سان ڀريل آهن ۽ اهڙين ڌانڌلي وارن چونڊن ۽ حڪومتن ۾ ڪرپشن جي شڪايت نه ڪئي وڃي. هن چيو ته هي حڪومتون نه هلنديون، عوام جي فيصلي آڏو سر جهڪائڻو پوندو. جمعيت جي ڪارڪنن کي ميدان ۾ هجڻ گهرجي، ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجندي. مولانا چيو ته اسان ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني چاهيون ٿا، اسان اڳتي وڌي ملڪ ۾ انقلاب آڻينداسين. الله جي طاقت اسان سان گڏ آهي. اسان حڪومت خلاف بيٺل رهنداسين. بٽگرام جو اجتماع ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام اسان سان گڏ آهي. جي يو آءِ ف جي سربراهه چيو ته ملڪ جي سلامتي کي اهميت ڏيندڙن کي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي ته هو هڪ هفتي جي نوٽيس تي اسلام آباد تي قبضي لاءِ تيار ٿي وڃن؟ هڪ هفتو لڳندو ۽ سڄو اسلام آباد سندن هٿ ۾ هوندو. پر اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جا حالتون انهي حد تائين نه وڃن. هن خبردار ڪيو ته طاقتور قوتون پنهنجي طاقت تي ايترو به ڀروسو نه ڪن جو سمجهن ته هو آخري قوت آهن  ۽ کين ڪا به قوت چئلينج نٿي ڪري سگهي. اسان سخت حالتن ۾ آمريڪا کي به چئلينج ڪيو، عالمي طاقتن کي به چئلينج ڪيو. اسان عوامي طاقت سان سياسي جدوجهد ڪنداسين ۽ قانون ۽ آئين جي پيروي ڪندي ملڪ جو نظام تبديل ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪمران بي عقل آهن، قوم جو پئسو لٽي رهيا آهن. اسان ملڪ کي آئين جي پٽڙي تان لاهڻ وارن جي خلاف فولادي ڀت بڻجي بيٺا آهيون. هن چيو ته فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ وارو فيصلو غلط ۽ هڪ طرفو آهي، جنهن تي قبائلي ناراض آهن. اوهان فاٽا جي ماڻهن ۽ ڪروڙين ماڻهن جي مستقبل جو فيصلو بنا سندن مرضي جي ڪيو، سو هاڻ ته اوهان کي پڇتائڻو پوندو. مولانا وڌيڪ چيو ته مڃو ته اوهان ۾ سياسي بصيرت ناهي، مڃو ته اوهين سياسي طور تي خالي آهيو، اوهان جي مٿي ۾ ڀوسو ڀريل آهي، ذهن جي طاقت ناهي ته ملڪ ۽ قوم جو مستقبل طئي ڪري سگهو. مولانا چيو ته جيئن اوهان فاٽا بابت فيصلو ڪيو، مون تڏهن ئي اسيمبلي جي فلور تي چيو هو ته جيڪڏهن اهڙي طريقي سان فاٽا جو انضمام ڪيو ويو ته ڪشمير به ڀارت ۾ شامل ٿي ويندو. پوءِ ائين ٿيو، ڀارت پنهنجي آئين جو آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي، جيئن اوهان هتي فاٽا جي خاص حيثيت ختم ڪئي. مولانا چيو ته غلط فيصلن جا نتيجا به غلط نڪرن ٿا. جڏهن اسان مخالفت ڪئي ته اسان کي راضي ڪرڻ لاءِ ايترو چيو ويو ته جيڪڏهن فاٽا جو انضمام نه ڪيو ويو ته آمريڪا ناراض ٿي ويندو. پوءِ جيڪڏهن ملڪ آمريڪا جي خوشي سان هلائڻو آهي، ته پوءِ جمهوريت، عوام ۽ اسلام جون ڳالهيون ڇو ٿو ڪريو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.