اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) پ پ وفاق ۾ وزارتون وٺڻ لاءِ راضي ٿي وئي ۽ جولاءِ ۾ مرڪزي حڪومت ۾ باقاعدي شموليت جو امڪان آهي. ذريعن موجب اقتداري حلقن پ پ کي راضي ڪري ورتو ۽ پيغام ڏنو آهي ته حڪومت ۾ تبديلي جو ڪو امڪان ناهي ۽ ملڪ جي بهتري، ڪاميابي لاءِ سسٽم هلائڻو آهي ۽ اهو ئي سسٽم هلندو. مقتدر ڌرين ٻنهي جماعتن جي مرڪزي قيادت کي هڪ پيج تي متحد به ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين سياسي قوتن کي به هڪ پيج تي آندو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني ٻنهي جماعتن ۾ وزارتن جي ورڇ جو معاملو طئي ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ پ پ وفاق جو حصو بڻجي ويندي. ذريعن موجب ايندڙ مرحلي ۾ پ پ پنجاب حڪومت جو پڻ حصو بڻجندي، ان حوالي سان ٻنهي جماعتن ۾ بيڪ ڊور رابطا شروع ٿي ويا آهن. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل انجنيئر محمد همايون خان چيو آهي ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جون آڇون اينديون رهنديون آهن.هن چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا سڀ فيصلا سي اي سي (مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي) ۾ ٿين ٿا. همايون خان اهو به چيو آهي ته پيپلز پارٽي اهو فيصلو ڪيو هو ته حڪومت وارا عهدا نه، پر آئيني عهدا وٺڻا آهن.