گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي سلسلي ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ هڪ اهم ۽ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڀني مڪتب فڪر جي نامور عالمن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد محرم دوران امن و امان، فرقيواراڻا هم آهنگي، مذهبي احترام ۽ عوامي سهولت کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ قومي اتحاد ڪائونسل جي صدر حافظ مولانا طاهر محمود اشرفي، علامه شبير حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر اعلان ڪيو ته محرم دوران شڪايتن جي فوري ازالي ۽ اثرائتي نگراني لاءِ گورنر هائوس ۾ هڪ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته محرم اسان کي قرباني، ثابت قدمي، ڀائيچاري ۽ سچ لاءِ بيهڻ جو سبق سيکاري ٿو. اجلاس ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جا عالم قومي مفاد ۽ مذهبي هم آهنگي ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.