هڪ ڌي کي پسند پرڻو ۽ ٻي کي مدد ڪرڻ تي قتل ڪرڻ جو اعتراف

گوجرانوالا(م ڊ) گوجرانوالا جي تعلقي نوشهره وڙڪا ۾ مبينا ڦر دوران ٻن ڀينرن جي قتل جي الزام هيٺ والدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پنجاب پوليس جي ڪرائيم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ مطابق، ٻنهي ڀينرن کي 18 مئي تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، ۽ اٽلي مان واپس آيل والد هن واقعي کي ڦر جو رنگ ڏئي، اڻڄاتل جوابدارن خلاف مقدمو داخل ڪرايو هو، پوليس موجب واقعي واري هنڌ تي ڦر جا ڪي به نشان موجود نه هئا، نه ئي گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪو ٻاهريون رستو موجود هو، گهٽي ۾ لڳل ڪئميرائن جي مدد سان معلوم ٿيو ته ڪوبه اجنبي ماڻهو نه ان گهر طرف ويو ۽ نه ئي واپس آيو، والدين جو بيان به مشڪوڪ لڳو، جڏهن انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته ٻنهي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، جنهن بعد کين گرفتار ڪيو ويو، والدين پوليس کي ٻڌايو ته هڪ ڌيءَ پسند جي شادي ڪئي هئي، تنهن ڪري ان کي قتل ڪيو، جڏهن ته ٻي ڌيءَ ان نڪاح ۾ شامل هئي ۽ پنهنجي ڀيڻ جي مدد ڪري رهي هئي، تنهن ڪري ان کي به ماريو ويو.ڊپٽي ڪمشنر موجب، جوابدارن جي وڏي ڌيءَ پنهنجي ڪلاس فيلو سان والدين جي مرضي خلاف نڪاح ڪيو هو، جڏهن ته ننڍي ڀيڻ ان نڪاح ۾ شامل هئي، جڏهن ماءُ کي خبر پئي ته هن اٽلي ۾ رهندڙ مڙس کي اطلاع ڏنو، جيڪو فوراً پاڪستان واپس آيو ۽ 18 مئي تي 22 سالن جي تانيا ۽ 18 سالن جي انيلا کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.