اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين کي ويهي ڳالهه ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته اچو ويهي ڳالهيون ڪريون، ڳالهين ذريعي ئي هر مسئلي جو حل نڪري سگهي ٿو، اڳ به اوهان کي چيو هو ته ويهي ڳالهائي وٺون، جنهن تي بيرسٽر گوهر چيو انشاءَ الله، ٻنهي وچ ۾ هي مڪالمو مخصوص نشستن جي فيصلي کان اڳ ٿيو، جڏهن قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف اٿِي بيرسٽر گوهر سان هٿ ملائڻ آيو، ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي بابت قائم ٽياڪڙي عدالت پاران ڏنل عبوري فيصلي (ضمني ايوارڊ) جي آجيان ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي سان پاڪستان جي موقف کي هٿي ملي آهي، عدالتي فيصلي مطابق ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي، اسين پاڻي وسيلن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڻي اسان جي زندگيءَ جي رڳ آهي، هوڏانهن وزيراعظم پاڪستاني معيشت ۾ استحڪام بابت بلوم برگ جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ معاشي سڌارن، ڪامياب معاهدن ۽ وقت سر ادائگين جو اعتراف ڪيو ويو آهي، پاڪستان پنهنجن مضبوط معاشي مستقبل ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي، اها رپورٽ حڪومت جي معاشي بهتري جو ثبوت آهي، پاڪستان انهن چند ملڪن مان آهي جن پنهنجي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ سڌارو ڏيکاريو آهي.