اسلام آباد(م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي سخت جواب ڏيندي کيس بيوقوف قرار ڏنو آهي، اهو بيان تڏهن سامهون آيو جڏهن فواد چوڌري سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي تهذيب بابت هڪ تڪراري تبصرو ڪيو، جنهن تي بلاول ڀٽو سوشل ميڊيا تي تاريخي حوالن سان ڀرپور وضاحت ڏيندي چيو ته سنڌو درياهه ئي درياهه سنڌ آهي، واديءِ سنڌ جي تهذيب پوري پاڪستان جي گڏيل ورثي جو حصو آهي، انڊس لفظ اصل ۾ سنڌو جي لاطيني شڪل آهي، جيڪو انگريزي ۾ يوناني نالي انڊوس ذريعي آيو، هي يوناني نالو فارسي ۾ سنڌو جي تلفظ سان ورتو ويو هو، بلاول فواد چوڌري جي بيان کي لاعلمي تي ٻڌل قرار ڏيندي طنزيه انداز ۾ کيس بيوقوف چيو، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته بلاول هن معاملي کي قومي سڃاڻپ سان ڳنڍڻ ڏسي ٿو.