راولپنڊي/ پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ خودڪش حملي جي ڪوشش دوران 13 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 14 خارجي دهشت گرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ فورسز جي قافلي تي ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ خارجي دهشت گردن حملو ڪيو، ڀارت جي منصوبا بندي ۽ سرپرستي سان فتنه الخوارج قافلي کي نشانو بڻايو، ترجمان پاڪ فوج جو چوڻ هو ته گاڏي تي سوار حمله آور فورسز جي قافلي جي سامهون پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر قافلي جي اڳواڻ گروپ ڀارتي سرپرستي هيٺ خارجي دهشت گرد جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، آءِ ايس پي آر مطابق، دهشت گردن جي حملي جي نتيجي ۾ 13 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 14 خارجي دهشت گرد مارجي ويا، ترجمان پاڪ فوج ٻڌايو ته فتنه الخوارج جي دهشت گردي ۾ 3 عام شهري به زخمي ٿيا، جن ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آهي، ان کان اڳ، ڊي پي او وقار احمد ٻڌايو ته خودڪش حملو هڪ گاڏي ۾ نصب ديسي ٺهيل ڌماڪيدار مواد (بم) ذريعي ڪيو ويو، جنهن ۾ 4 عام شهري زخمي ٿيا، هي حملو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا جي ڏکڻ وزيرستان ضلعي ۾ انٽيلجنس بنياد تي ڪيل آپريشن دوران 2 فوجي جوان شهيد ۽ 11 دهشتگرد مارجي ويا هئا.