ڀارت معرڪه حق ۾ پنهنجي شڪست نه ٿو وساري سگهي

ڪراچي/پشاور(رپورٽر/م ڊ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير واضع لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان هر حال ۾ پنهنجي قومي مفادن ۽ خودمختياري جو بچاءُ ڪندو، جيڪڏهن دشمن اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪندو ته ان جا نتيجا پاڻ ڀوڳڻا پوندا. انهن ڳالهين جو اظهار هن پاڪستان نيوي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي دشمن  جو رويو تڪبر ۽ جارحيت تي ٻڌل آهي، ڀارت غير قانوني طور تي ڪشمير تي قبضو ڪيوآهي. پاڪستان علائقائي استحڪام لاءِ ذميوارانه ڪردار ادا ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر جي بيان مطابق، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پي اين ايس راهبر ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي مبارڪباد ڏيان ٿو. شاندار پريڊ ڏسڻ جو موقعو اعزاز آهي. ڪيڊٽس جي مثالي ٽرن آئوٽ ۽ جذبي سان ڀريل انداز نيوي اڪيڊمي جي اعليٰ معيار جو عڪاس آهي. انعام ماڻيندڙ ڪيڊٽس سندن شاندار ڪاميابين تي خاص واکاڻ جا حقدار آهن. فيلڊ مارشل چيو ته هو ترڪي، بحرين، عراق، فلسطين ۽ جبوتي جي ڪيڊٽس کي خاص مبارڪباد پيش ڪري ٿو. اوهين هاڻي پاڪ نيوي جو حصو بڻجي رهيا آهيو، جنهن جي سڃاڻپ اعليٰ عسڪري اخلاقيات ۽ بي مثال پيشه ورانه روايتن سان آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي آپريشنل صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ضروري آهن، ڇاڪاڻ ⁠ ته سامونڊي جنگ جو ميدان تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي. پاڪستان لاءِ مضبوط ۽ مؤثر سامونڊي فوج قائم رکڻ هاڻ اڻٽر بڻجي ويو آهي. فيلڊ مارشل چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف کليل جارحيت جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو. ڀارتي اشتعال انگيزي جي جواب ۾ اسان ضبط ۽ بردباري ڏيکاري، پر ملڪ جي بچاءَ لاءِ هر قيمت تي تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي فوجي طاقت، قوم پرستي ۽ جعلي حڪمت عمليءَ سان سياسي فائدا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. دشمن جو رويو مستقل طور تي غرور وارو ۽ جارحاڻو آهي. ڀارت بناجواز پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن جو ڀرپور جواب ڏئي خطي کي وڏي تڪرار کان بچايو ويو. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان هميشه صبر ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي امن کي ترجيح ڏني. جيڪڏهن دشمن سمجهي ٿو ته اسان ملڪ جي خودمختياري تي حملو برداشت ڪنداسين ته اها خطرناڪ غلط فهمي آهي. اسان پنهنجي قومي طاقت ۾ لاڳيتو اضافو ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن دشمن سمجهي ٿو ته پاڪستان ڪمزور آهي يا جواب نه ڏيندو، ته هو سخت غلطيءَ ۾ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن دشمن اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪندو ته ان جا نتيجا پاڻ ڀوڳڻا پوندا. پاڪستان هر حال ۾ قومي مفادن ۽ خودمختياري جو دفاع ڪندو. قومي جذبو آزمائشن جي دوران وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڪاميابيءَ جي ويجهو آهي، جڏهن⁠تہ ڀارت ڄاڻي واڻي خطي ۾ تڪرار پيدا ڪري رهيو آهي. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ڪندو. فيلڊ مارشل وڌيڪ چيو ته ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. پاڪستان اقوام متحده جي قراردادن جي روشنيءَ ۾ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جو حامي آهي. ڀارت جيڪو جدوجهد کي دهشتگردي سڏيندو آهي، اها حقيقت ۾ قانوني ۽ جائز آزاديءَ جي جدوجهد آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ دائمي امن لاءِ مسئلو ڪشمير جو منصفاڻي حل اڻٽر آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير انهن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جن پاڻ ارپي حقِ خودارادي لاءِ. هن ڪشميري عوام جي بهادري ۽ عزم کي سلام پيش ڪندي چيو ته ڀارت جي ظلم باوجود ڪشميرين جي حوصلي کي ڪو به جهڪي نه ٿو سگهي. پاڪستان هميشه ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد ڪندو.پي اين ايس راهبر ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ دوران خطاب ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان روشن مستقبل ڏانهن وڌندڙ آهي. دشمن مسلسل ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر باوجود ان جي ملڪ جي ترقيءَ جو سفر جاري آهي.ان کان اڳ پاڪستان نيوي اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ڪموڊور تصور اقبال پنهنجي خطاب ۾ ڪيڊٽس جي تعليمي ۽ پيشورانه تربيت تي روشني وڌي. هن چيو ته نيوي اڪيڊمي جو مقصد مضبوط ايمان، ڪردار ۽ مادرِ وطن سان پڪي وابستگي رکندڙ آفيسر تيار ڪرڻ آهي. تقريب دوران، مهمانِ خصوصي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا. مڊشپ مين عبدالرحمان کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي اعزازي شمشير ڏني وئي، آءِ ايس پي آر مطابق، آفيسر ڪيڊٽ محمد عزير عباس کي چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي گولڊ ميڊل مليو، جڏهن⁠تہ ايس ايس سي ڪورس جي آفيسر ڪيڊٽ چوهدري محمد اعزاز طاهر کي ڪمانڊنٽ گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. پروفيشينسي بينر، ڪوارٽر ڊيڪ اسڪواڊرن جي نالي رهيو.  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردي جي سڀني سهولتڪارن، مددگارن ۽ ڏوهارين کي هر قيمت تي ۽ بغير ڪنهن رعايت جي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور ڪور هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ڪور هيڊڪوارٽر پهچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف جو استقبال ڪور ڪمانڊر پشاور ڪيو . دوري دوران فيلڊ مارشل بنون گيريشن جي واقعي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ بنون سي ايم ايڇ اسپتال ۾ زخمين جي عيادت پڻ ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته فيلڊ مارشل عاصم منير انهن سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان جا ماڻهو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڪمل طور تي متحد آهن ۽ هي جدوجهد تيسين جاري رهندي، جيستائين ملڪ مان هي خطرو مڪمل طور ختم نه ٿو ٿئي۔ رياستي موقف ورجائيندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي جي سڀني سهولتڪارن، مددگارن ۽ ڏوهارين کي بغير ڪنهن رعايت جي قانون جي گهيري ۾ آندو ويندو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي اصل چهري کي پوري دنيا آڏو وائکو ڪيو ويندو .فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قوم کي يقين ڏياريو ته هر بيگناهه پاڪستاني جي رت جو حساب ضرور ورتو ويندو ۽ پاڪستان جي اندوني سلامتي کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.