ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جو فارورڊ بلاڪ، گنڊاپور گهر وڃڻ وارو؟

واشنگٽن/پشاور (شھباز گل)سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن واري ڪيس جي فيصلي بعد شھبازشريف جو بيان آيو آھي ٻھ ڀاڱي ٽي…سو ھاڻي سرڪار کي پي ٽي آءِ واريون سيٽون ملي ويون آھن ۽ ھاڻي مخالف ڌر ۾ پ پ کي ويھاريو ويندو.بلاول ڀٽو زرداري ليڊر آف اپوزيشن ھوندو.اھي  ئي ايندڙ چيف اليڪشن ڪمشنر، ايندڙ نظام لاءِ نگران وزيراعظم کي ترتيب ڏيندا.وزيراعظم جي بيان ۽ ۽ فيصلي کان بھ اڳ ”قصيده پڙهندڙ“ صحافين ھو بھو فيصلي بابت ٻڌائي ڇڏيو ھيو.سو نھ ججن فيصلو لکيو نھ انھن صحافين اھو تھ پوئتي ويٺل ڪنھن ”طاقتور“ لکيو ھيو.اھو عسڪري بينچ ۽ عسڪري فيصلو آھي.سو ھاڻي 27ھين آئيني ترميم ۽ اهم شخصيت کي ڪنھن بھ وقت رياست جو سربراهه بڻايو ويندو،.ٻئي پاسي عمران خان جي بيان جي ابتڙ بجيٽ کي پاس ڪرايو ويو آھي.عمران خان کي دوکو ڏئي بجيٽ پاس ڪئي وئي آهي، ڪي پي ڪي جا 35 آزاد ميمبر ھاڻي فيصلو ڪندڙ قوت بڻجي ويا آھن.خبر مطابق ڪي پي ۾ حڪومتي تبديلي ۾ اھي ميمبر فيصلا ڪن اھميت رکن ٿا.سو جنھن حڪومت کي بچائڻ لاءِ عمران کي دوکو ڏنو ويو اھا ئي حڪومت ھاڻي ويندي نظر اچي رھي آھي.سو ڪي پي ۾ پي ٽي آئي کي ٽوڙڻ لاءِ ننڍو فارورڊ بلاڪ آڻي معاملي کي ڪنٽرول ڪري سگھبو.پي ٽي آئي جي اندران بھ ڪوئي نئون وزيراعليٰ اچي سگھي ٿو يا وري 52 ميمبرن مان بھ ٿي سگھي ٿو.پر امڪان اھوآھي تھ فارورڊ بلاڪ ٺاھي ان مان نئون وزيراعليٰ آندو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.