تهران ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل سائنسدانن ۽ فوجي ڪمانڊرن جي جنازي نماز ادا

تهران ( م ڊ) تهران ۾ اسرائيلي حملا ۾ شهيد ٿيل ايران جي اعليٰ فوجي ڪمانڊرن ۽ عام شهرين جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي،  ايران جي صحت کاتي موجب اسرائيلي حملن ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا هئا، ايراني ميڊيا جي رپورٽن مطابق، جنازي نماز ۾ سرڪاري عملدارن، فوجي قيادت ۽ هزارين شهرين شرڪت ڪئي، شهيدن جون ميتيون قومي جهنڊي ۾ ويڙهيل هيون، جڏهن ته ايراني جهنڊو کڻي بيٺل ماڻهن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو، اسرائيل ۽ ايران جي 12 ڏينهن واري جنگ دوران شهيد ٿيلن ۾ پاسدارانِ انقلاب جي ميجر جنرل محمد باقري ۽ جوهري سائنسدان محمد مهدي تهرانچي پڻ شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.