ڪراچي(رپورٽر) پي ٽي آءِ باني جي اڳوڻي زال ريحام خان جي سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ آمد، ريحام خان ڪراچي بار جي صدر عامر نواز ورائچ ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات ڪئي،ڪراچي بار جي طرف ريحام خان جو استقبال ڪري اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي ريحام خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي بار جي صدر عامر نواز جي مهرباني آهي هن ڪراچي بار اچڻ جي دعوت ڏني، عامر نواز جو نالو ٻڌو هو، سوچيو هو ته هو وڏي عمر جا هوندا، پهرين ڀيرو مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندي هئس ته مون ڏٺو ته هتي گهڻا هزارين وال رهندا آهن، هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عورتن جي ججن جي تعداد گهٽ ڇو آهي، منهنجي راءِ آهي ته عدلات ۾ عورتن جي تعداد وڌيڪ هجڻ گهرجي، هن چيو ته صحافت ۾ آزادي ناهي رهي،جيڪو ڏيکارڻ چاهيان ٿي اهو نٿو ڏيکاري سگهان، ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز ورائچ چيو ته سموري پاڪستان جي هر علائقي جا وڪيل ڪراچي بار ۾ آهن، هن چيو ته ڪراچي بار هميشه حق جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان بغير ڪنهن پارٽيءَ جي ڪم ڪندا آهيون، هن چيو ته هميشه هڪ ئي موقف رکيو آهي، اسان 26 آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم، سنڌو درياهه تان ڪينالز ڪڍڻ واري معامري تي به آواز اٿاريو آهي.