ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ تيز برساتي وهڪري سبب 3 نياڻيون ۽ 1 عورت ٻڏي فوت ٿي ويون، زوب ۾ ٻوڏ جي وهڪري سبب ٻه گاڏيون نديءَ ۾ وهي ويون، جن مان ويٺل ٽن نياڻين جون لاشون ريسڪيو ڪيون ويون آهن،ساڳئي علائقي سليازه وٽ به برساتي وهڪرن ۾ ٻه ٻار لاپتا ٿي ويا، جن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.