صدر پاران جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج ڊڪليئر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج ڊڪليئر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ٻين ٻن ججن جي بدلي به مستقل قرار ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، صدر آصف علي زرداري جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج ڊڪليئر ڪري ڇڏيو.
صدر جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ٻين ٻن ججن جي بدلي کي به مستقل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سينيارٽي جي حوالي سان معاملو صدر کي موڪليو هو.
صدر طرفان سينارٽي طئي ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ٽرانسفر ٿيندڙ جسٽس سرفراز ڊوگر سينيئر ترين جج هوندو، جسٽس خادم حسين سومرو نائين نمبر تي، جڏهن ته جسٽس آصف 11هين نمبر تي جج هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.