فيصلو عوامي مينڊيٽ جي توهين قرار، قاضي فائز عيسيٰ جو پاڇو اسان کي نه پيو ڇڏي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته هاڻ ڪنهن کي به ڪو ابهام نه هجڻ گھرجي، اسان جا ميمبر آزاد آهن، اسان جي سياسي جدوجهد جاري رهندي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ  جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي مايوسي ٿي آهي، هن سينيٽر شبلي فراز ۽ اڳواڻ ڪنول شوزب سان گڏ اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلي کي انتهائي ناانصافي قرار ڏنو آهي، هن چيو ته هي فيصلو نه صرف آئيني گهرجن جي ابتڙ آهي، پر عوامي مينڊيٽ جي توهين به آهي، هن فيصلي سان وڏي ناانصافي ٿي آهي، مخصوص نشستن تي ايم اين ايز جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو هو ۽ ڪنهن به ان کي چئلينج نه ڪيو هو، اسان کي اميد هئي ته اهي سيٽون اسان کي واپس ملنديون، ڇو ته سپريم ڪورٽ جي اٺ ججن اهي سيٽون اسان کي ڏنيون هيون، هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي طريقيڪار تي عمل نه ڪيو ويو، جيڪڏهن 26هين آئيني ترميم بابت ڪو فيصلو ٿيڻو هو ته مخصوص نشستن جو معاملو ان کان پوءِ اٿاريو وڃي ها، گوهر علي دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف ملڪ کي هڪجهڙائي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر بدقسمتي سان قاضي فائز عيسيٰ جو پاڇو اسان کي نه پيو ڇڏي، شبلي فراز چيو ته هڪ سوچي سمجهي منصوبي تحت پي ٽي آءِ کي ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن فيصلن کان اڳ ئي سڀني کي خبر هجي ته پوءِ ماڻهو انصاف جي ڪهڙي اميد رکن؟ هن وقت پاڪستان ۾ آئين جي شڪل بگاڙي وئي آهي، ڪنول شوزب عدالتي فيصلي کي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اونداهو ڏينهن قرار ڏيندي چيو ته هن فيصلي عوامي مينڊيٽ جي تذليل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.