هري پور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سوات جي سانحي کي حڪومت جي بدترين ناڪامي قرار ڏيندي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کان فوري استعفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سوات سانحي بابت وڏي وزير خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سوات سانحي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي ادارن کي هڪ رپيو به نه ڏنو ويو آهي، پوليس ۽ ايف سي پاڻ پڇي رهيا آهن ته فنڊز ڪيڏانهن ويا؟، اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ رقم جو ڪو به حساب نه ڏنو ويو آهي، ۽ 50 ارب رپين جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي.