سوات واقعي تي ريسڪيو آپريشن ۾ دير تي ڊپٽي ڪمشنر به معطل

سوات / لاهور (م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت سوات ۾ ٻوڏ سبب پيش آيل افسوسناڪ واقعي دوران ريسڪيو آپريشن ۾ دير ۽ غفلت ڪرڻ تي  ڊپٽي ڪمشنر سوات کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، ٻه ڏينهن اڳ ٻن اسسٽنٽ ڪمشنرن، هڪ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ريسڪيو جو ضلعي انچارج معطل ڪيو ويو هو، واقعي خلاف گذريل ڏينهن سوات ۾ سول سوسائٽي پاران انتظاميا ۽ حڪومت جي مبينا غفلت خلاف احتجاج ڪيو ويو، هوڏانهن پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ  بخاري، خيبرپختونخوا حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي هن حادثي جو ذميوار اُنهن کي قرار ڏنو، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن واقعي کان اڳ به اُتي اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، خيبر پختونخوا ۾ اربين رپيا نه ته روڊن تي لڳي رهيا آهن، نه ئي سياحتي هنڌن تي، نه اسپتالن تي ۽ نه ئي ڪنهن اسڪول تي خرچ ٿي رهيا آهن، ريسڪيو 1122 ۾ سڀ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، جن ماڻهن کي نه ئي ريسڪيو جون خدمتون ڏيڻ جو علم آهي ۽ نه ئي کين ڪا باقاعده تربيت ڏني وئي آهي، هن چيو ته سوات درياهه تي وک وک تي هوٽلون آهن، اهي هوٽل گذريل اٺن سالن دوران ڪنهن جي پرچيءَ تي ٺهيو آهن؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.