سوات ( م ڊ)سوات درياهه ۾ سياحن جي ٻڏڻ واري واقعي ۾ زندهه بچي ويل مردان جي رهواسي روح الامين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو وارا ته موقعي تي پهتا، پر اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سوات درياهه ۾ تيز ٻوڏ سبب 17 سياح ٻڏي ويا هئا، جن مان 4 ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته 11 لاشون ٻاهر ڪڍيون ويون آهن، باقي 2 ماڻهن جي ڳولا اڃا جاري آهي، روح الامين ٻڌايو ته اسين درياهه جي ڪناري بيٺا هئاسين ته اوچتو سيلابي وهڪري اسان کي وڪوڙي ورتو، هن چيو ته ريسڪيو وارا ته اچي ويا، پر اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي، اسان مان 6 ماڻهو زندهه بچي ويا، باقي سڀ پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا،