اسلام آباد(اسدطور)سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کان پوءِ نون ليگ وٽ قومي اسيمبلي ۾ مجموعي طور 110 سيٽون هيون، جنهن مان 86 چونڊيل ۽ 14 مخصوص سيٽون هيون. هاڻ انهن کي وڌيڪ 15 سيٽون ملنديون، جنهن سان انهن جو انگ 125 ٿي ويندو.پيپلز پارٽي وٽ 55 چونڊيل ايم اين ايز ۽ 13 مخصوص هيون، جيڪي گڏ ڪري 68 ٿين ٿيون. هاڻ انهن کي پي ٽي آءِ جون 6 سيٽون ملنديون، تنهن ڪري مجموعي تعداد 74 ٿي ويندي.ايم ڪيو ايم وٽ 17 چونڊيل ۽ 4 ريزرو سيٽون هيون، هاڻ هڪ وڌيڪ ملندي، تعداد 22 ٿي ويندي.جي يو آءِ (ف) وٽ 6 چونڊيل ۽ 2 ريزرو سيٽون هيون، هاڻ 3 وڌيڪ ملنديون، مجموعي انگ 11 ٿي ويندوپي ٽي آءِ جيڪا آزاد اميدوارن سميت 92 تي بيٺل هئي ۽ مخصوص سيٽن سان 114 تائين وڃي پئي، هاڻ رڳو 85 تي رهجي ويندي.هر پارٽي کي مخصوص سيٽون ان صوبي ۾ ان جي چونڊيل نمائندن جي لحاظ سان ملن ٿيون. پر ھاڻي خيبرپختونخوا ۾ نون ليگ جا رڳو 3 ايم اين ايز چونڊجي آيا، پر انهن کي 5 مخصوص سيٽون ملنديون.جي يو آءِ (ف) جا 2 ايم اين ايز آھن پر انهن کي به 3 سيٽون ملنديون،پيپلز پارٽي جو رڳو هڪ ايم اين اي آھي پر انهن کي 2 سيٽون ملنديون.حڪومتي اتحاد کي ھاڻي ٻه-ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي وئي آهي، هاڻ اُهي آئين ۾ ترميم، قانون سازي وغيره ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.پر سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو خطرناڪ آهي، ڇو ته هن پاڪستان جي پارلياماني جمهوريت جي روح کي قتل ڪيو آهي. ھنن پاڪستان جي آئين جو چھرو مسخ ڪري ڇڏيوآھي.پارليامينٽ "عوام جي مرضي” جي نمائندگي ڪري ٿي.هاڻ، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾، نون ليگ کي 3 ايم اين ايز تي 5 سيٽون، 6 ايم پي ايز تي 8 سيٽون ملن ٿيون، جيڪا عدالتي ناانصافي آهي.انهن ججن کي اسٽيبلشمنٽ چونڊيو آهي، ۽ انهن ئي جمهوريت جو قتل ڪيو آهي.جيڪا به هن وقت جي قانونسازي ٿي رهي آهي، اها عوام دشمن آهي، ان ۾ عوام جو شراڪت جو حق ماريو ويو آهي.اظهار جي آزادي ختم ڪئي وئي آهي.غلط فيصلا، تباه ڪن نتيجا ڏيندا ۽ جڏهن عوام جو ردعمل ايندو، ته اها رخصتي جيڪا اڳئين دورن ۾ ڏٺي، ان کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي.