اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ملڪ ۾ هڪ هفتي جي دوران 12 ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، جڏهن ته هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.18 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اداري شماريات مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب گذريل هفتي دوران 12 شيون مهانگيون، 14 شيون سستيون ۽ 25 شين جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، رپورٽ موجب، سال جي پهرين چوٿين لاءِ بجلي جي چارجز ۾ 30 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، جنهن بعد بجلي جا اگهه 4.36 رپيا مان وڌي 4.66 رپيا في يونٽ ٿي ويا آهن، اداري مطابق، هڪ هفتي ۾ گُڙ هڪ سيڪڙو، ٽماٽر 0.99 سيڪڙو ۽ کنڊ 0.88 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي،ساڳئي هفتي دوران ايل پي جي، ٻارڻ جي ڪاٺي، کير ۽ دهين جون قيمتون به وڌي ويون، جڏهن ته انڊا 12.27 سيڪڙو ۽ چرٻي وارو گوشت 10.75 سيڪڙو سستو ٿيو۔ ان کان علاوه، آلو، اٽو، پياز ۽ مختلف دالن جون قيمتون به گهٽيون آهن.