اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان پلاٽ ۽ گاڏي جي خريداري لاءِ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) کان اهل هجڻجو سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ کان منظور ٿيل فنانس بِل ۾ ترميمون به ڪيون ويون آهن، صدرِ مملڪت جي طرفان فنانس بل 2025-26 تي دستخط ٿيڻ کان پوءِ، اهو پهرين جولاءِ کان فنانس ايڪٽ جي صورت ۾ لاڳو ٿي ويندو، فنانس ايڪٽ لاڳو ٿيندي ئي ترميمي شقن جو به اطلاق شروع ٿي ويندو، وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پارليامينٽ مان منظور ٿيل فنانس بل 2025-26 جي ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 114-سي ۾ ترميمون ڪيون آهن، حڪومت پاران انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ ڪيل ترميم تحت، گاڏيون، جائدادون ۽ اثاثا خريدڻ لاءِ ايف بي آر کان اهل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لازمي هوندو، فنانس بل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ترميم کان پوءِ 70 لک رپين تائين جي ماليت واري گاڏي خريدڻ لاءِ ايف بي آر جو سرٽيفڪيٽ لازمي نه هوندو، اهڙيءَ طرح، ترميم بعد 5 ڪروڙ رپين تائين جي جائيداد ۽ 10 ڪروڙ رپين تائين جي ڪمرشل پلاٽ خريدڻ لاءِ به ايف بي آر جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه هوندي، ترميم کان پوءِ سولر جي درآمد تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو بدران 10 سيڪڙو لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته پولٽري انڊسٽري ۾ چُوزيءَ (ڪڪڙ جي بچي) تي 10 رپيا فيڊرل ايڪسايز ڊيوٽي لڳائي ويندي.